Row_ID
int64 1
4.77k
| Melody Number
int64 1
31
| Melody
stringclasses 30
values | Chapter Number
int64 1
22
| Chapter
stringclasses 190
values | Type
stringclasses 2
values | Bait / Vaayi Number
int64 1
59
| Sindhi Arabic Perso
stringlengths 66
1.07k
| Roman Script
stringlengths 71
1.29k
⌀ | Devanagri Script
stringlengths 53
903
⌀ | Explanation
stringlengths 92
3.98k
⌀ | English Translation ( Amar Fayaz Buriro )
stringlengths 93
2.19k
⌀ | Urdu Translation ( Agha Saleem )
stringlengths 62
1.06k
⌀ | Punjabi Translation ( Kartar Singh Arsh )
stringlengths 64
1.62k
⌀ |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 1 |
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
|
Awal'e, Allah'u, Aleem'u, Aala, Aalam'a jo DhaNi,
Qadir'u panhinji qudrat'a seen, Qaim'u aah'e Qadeem'u,
Waali, waahid'u wahdahu, raaziq'u rabb'u raheem'u,
Sou saraah'e sacho dhaNi, chai hamd'u hakeem'u,
kary paaN'a kareem'u, joRoon joR'a jahan'a ji.
|
अव्वलि अल्लाहु अलीमु। अआला आलम जो धणी।
क़ादिरु पंहिंजी क़ुदरत सें। क़ाइमु आहे क़दीमु।
वाली। वाहिदु। वह्दहु। राज़िक़ु रब्बु रहीमु।
सो साराहि सचो धणी। चई हम्दु हकीमु।
करे पाण करीमु। जोड़ूं जोड़ जहान जी॥
|
سڀ کان پھرين (تعريف جي لائق) الله آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ ۽ سدائين ڄاڻندڙ آهي. جيڪو سڀني کان مٿانھون ۽ سموري ڪائنات (جڳ جھان) جو مالڪ (مختار) آهي. (فقط) اهو ئي پنھنجي طاقت ۽ قوت سان (هر شيءِ تي) قادر (قدرت وارو) آهي. اُهوئي ازل (جنھن جي ڪا شروعات ناهي) کان محڪم ۽ موجود آهي. اُهو ئي مالڪ يعني موليٰ آهي. جيڪو هڪ ئي هڪ آهي، لاشريڪ ۽ اڪيلو آهي (هن جھڙو ٻيو ناهي) اُهو ئي سڀني کي روزي رسائيندڙ، پالڻ وارو ۽ هميشه ٻاجهہ وارو آهي.
(بيشڪ) تون اهڙي سچي سائينءَ جي ساراھ ۽ تعريف ڪر، جيڪو وڏي ۾ وڏي حڪمت (دانائيءَ) وارو آهي. اُهو ئي سدائين سڀني کي پيو نوازي ۽ جوڙن (نر ۽ مادي) منجهان سڄي جھان کي پيو جوڙي ۽ خلقي. (فقط اُهو ئي پنھنجي مهربانيءَ سان) سڄي ڪائنات کي ٿو هلائي.
[هن بيت ۾ ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ جي ساراھ ۽ تعريف ڪيل آهي. هن بيت ۾ الله تعاليٰ جا سورهن نالا آندل آهن. الله جي نالن کي قرآن ۾ ’اسماءَ الحسنيٰ‘ (سهڻا نالا)، سڏيو ويو آهي. حديث جي ڪتابن ۾ عام طور الله سائينءَ جا نوانوي نالا ڄاڻايل آهن، ليڪن درحقيقت اهي نالا بيشمار يا اڻ کٽ آهن. ’الله‘ اسم ذاتي چئبو آهي، صوفين وٽ اهو ’اسم اعظم‘ بہ آهي.
الله جي ذات ۽ صفات ۾ ڪو شريڪ ناهي يا هو پنھنجي ذات ۽ صفات ۾ هڪڙو (واحد) آهي. صوفين جي نظر ۾ مخلوقات يا موجودات الله جي اسمن ۽ صفتن جو مظھر آهي. ان لحاظ کان اول مان مراد اها ذات آهي جنھن جي نہ ابتدا آهي ۽ نہ آغاز آهي. الله اسم ذاتي هجڻ سان گڏ سڀني الاهي صفتن جو جامع آهي. يعني هن هڪ نالي وٺڻ سان سڀ نالا اچي وڃن ٿا.
’عليم‘ يعني گهڻو ڄاڻندڙ. هتي اهو ٻڌائڻ گهرجي تہ علم ڪلام موجب خدا جي ستن صفتن کي بنيادي صفتون چيو ويو آهي ۽ اهي آهن: حيات، علم، قدرت، ارادو، سمع، بصر ۽ ڪلام. عليم جو مطلب آهي تہ الله هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي ڄاڻي ٿو. هن جو ڄاڻڻ ان ڪري بہ ضروري آهي تہ جيستائين ڪنھن شيءِ جي ڄاڻ نہ هوندي، تيستائين ان جي تخليق ٿي نہ سگهندي.
’اعليٰ‘ معنيٰ سڀ کان مٿانھون، جنھن کان مٿي ٻئي ڪنھن جو مرتبو ناهي. ’عالم جو ڌڻي‘ مان مراد مالڪ الملڪ جو اسم آهي. هو اهڙو مالڪ آهي جنھن کي اختيار آهي تہ مخلوق تي جيڪو حڪم وڻيس سو هلائي، ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. قادر يعني قدرت وارو يعني هو ٻئي ڪنھن جي مدد کان سواءِ هر شيءِ کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ ان تي حڪم هلائڻ وارو آهي. قائم جو مطلب آهي تہ هو پنھنجي ذات سان پنھنجو پاڻ قائم آهي، هو ٻئي ڪنھن وجود يا هستي جو محتاج ناهي. هن کي پنھنجي وجود لاءِ ٻئي ڪنھن سھاري جي ضرورت ناهي، بلڪ ٻيون سڀ شيون هن جي وجود سان قائم آهن. قديم مان مراد آهي تہ هو ابتدا ۽ انتھا کان پاڪ آهي. هن جي ذات ازلي ۽ ابدي آهي. هو آدجڳاد کان آهي.
’والي‘ مان مراد سنڀاليندڙ يا رکوالو آهي. ساري مخلوقات هن جي سنڀال ۾ آهي ۽ هو پنھنجي قدرت ۽ تدبير سان ڪائنات جو انتظام هلائي ٿو. ’واحد وحدہ‘ يعني هڪڙو هيڪڙائيءَ وارو. ان مان مراد آهي تہ جيئن هو پنھنجي ذات ۾ هڪڙو آهي تہ صفتن ۾ بہ هڪڙو آهي. هونئن واحد ان کي چئبو آهي جنھن جا ڪي بہ حصا ٿي نہ سگهن. هو هر لحاط کان هڪڙو آهي.
رازق جو مطلب آهي تہ هو سموري مخلوقات جي روزيءَ جو ضامن آهي، ۽ هر شيءِ کي روزي رسائي ٿو. ربّ مان مراد پاليندڙ آهي. هو زمين ۽ آسمانن جو پاليندڙ آهي ۽ هر ننڍي شيءِ کان وٺي وڏي شيءِ جو پالڻھار آهي ۽ انهيءَ جي پالنا جو سمورو بندوبست سندس ڪيل آهي. رحيم معني بخشيندڙ ۽ رحمت ڪرڻ وارو، جيڪو پنھنجن ٻانَهن جي خطائن، ڏوهن ۽ گناهن کي ميٽي ٿو ۽ خاص طور آخرت ۾ معاف ڪرڻ وارو آهي.
بيشڪ هر عقل ۽ شعور واري کي اهڙي سچي سائينءَ جي واکاڻ ۽ تعريف ڪرڻ گهرجي جيڪو واقعي تعريف جي لائق آهي. اهو ئي حڪيم يعني حڪمت وارو آهي ۽ شين جي حقيقت کي ڄاڻي ٿو تہ ڪھڙي شيءِ کي ڪھڙي ڪارج واسطي پيدا ڪيو اٿس. هن جو ڪوبہ ڪم حڪمت کان خالي ناهي. هو ڪريم ان ڪري آهي جو سندس نعمتون بغير حساب آهن. هو پنھنجي مڃڻ ۽ نہ مڃڻ وارن سڀني تي پنھنجي مهرباني ۽ ڪرم ڪري ٿو. اهو ئي اهڙو خالق آهي جنھن جوڙن مان جھان کي خلقيو آهي.
قرآن شريف ۾ پڻ ڪيترن هنڌن تي اها سمجهاڻي ملي ٿي تہ هر شيءِ کي جوڙن جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي تہ جيئن توهان ان مان هدايت حاصل ڪريو.
ومن کل شيءِ خلقنا زوجين لعلکم تذکرون (سورة الذاريات، آيت 49)
ترجمو: ۽ اسان هر شيءِ جا جوڙا جوڙا بڻايا تہ جيئن اوهان نصيحت وٺو.
مثنوي روميءَ ۾ بہ ان ڳالهہ جي عام فھم سمجهاڻي ملي ٿي تہ جھڙيءَ طرح تاڙي ٻن هٿن کان سواءِ نہ وڄندي آهي، تيئن هيءَ ڪائنات هر لحاظ کان جوڙن جي صورتن جو منظر پيش ڪري ٿي. رومي چوي ٿو تہ آسمان مذڪر آهي تہ زمين مؤنث!
جمله اجزاي جھان زآن حکم پيش،
جفت جفت و عاشقان جفت خويش.
(دفتر سوم، ب 4401)
معنيٰ: هن جھان جا سڀ جزا حق تعاليٰ جي حڪم موجب جوڙا جوڙا آهن ۽ هڪ ٻئي جا عاشق آهن.]
|
Commence with the invocation of Allah, the Supreme Being and the Ruler of the entire cosmos. By His divine authority, He possesses unlimited power that has existed since eternity. He is eternal and immutable. He is the bestower of sustenance, the nurturer, and the embodiment of compassion. Let us extol and laud Him, for indeed all praise belongs to Him. He is the All-Wise. Through His benevolence, He has perfected the universe by fulfilling all its needs with utmost precision.
|
اول اللہ علیم، اعلیٰ عالم کا دھنی،
قادر اپنی قدرت سے، قائم اور قدیم،
والی، واحد، وحدہ، رازق رب رحیم،
مدحت کر اس سچے رب کی، کہہ تو حمد حکیم،
وہ والی وہ کریم، وہ جگ کے کام سنوارے۔
|
والی جگ دا سبھہ توں اُتم، گھٹ گھٹ جانن ھارا
اپنی قدرت دا اوہ قادر، سبھہ جگ سرِجن ھارا
رازق رب رحیم ھے اکو، رزق پچاون ھارا،
صفتاں کرن سیانے سارے، اللہ پنی سچیارا
خالق رب کریم اساڈا، رچنا جوڑ بنائی۔
|
2 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 2 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, jaan tho chaeen eean,
Taan manJ’u Muhammad kaar’Ni, nirtoon manjhaan neenhun,
Taan toon wanJiyo kee’an, nayeen sir biyan khe.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। जां थो चईं ईअं।
तां मञि मुहम्मदु कारणी। निरतूं मंझां नींहं।
तां तूं वञियो केअं। नायें सिरु ॿियनि खे॥
|
جڏهن تون ائين چوين ٿو تہ الله هڪڙو آهي ۽ ان جھڙو ٻيو ڪوبہ ناهي (ان حقيقت تي ايمان آڻين ٿو) تہ پوءِ تون حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي دل جي سچائيءَ سان راھ جو وسيلو ۽ واسطو ڪري مڃ (هن جي رسالت جو اقرار ڪر). ان کان پوءِ تون ٻين جي آڏو ڪيئن ٿو پنھنجو سر جهڪائين! (فقط هن کي ئي پنھنجي ڇوٽڪاري جو سبب ۽ ڪارڻ سمجهہ).
[مثنويءَ ۾ وري هن سلسلي ۾ مشھور حديث ’لولاک لما خلقت الافلاک‘ جو حوالو پڻ ملي ٿي، جيئن چوي ٿو:
با محمد بود عشق پاک حقت
بهر عشق او را خدا لولاک گفت
(دفتر پنجم ب 2837)
معنيٰ: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان الله جو عشق گڏ هو. انهيءَ عشق جي ڪري چيائين، ’جيڪڏهن تون نہ هجين تہ هي زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪريان ها.‘]
|
As long as you acknowledge the Unity of Allah, it is important to genuinely and affectionately believe in the prophethood of Prophet Muhammad (Peace be upon him), as the world was brought into existence for his sake. It is crucial that you never bow down to any entity besides Allah, regardless of the circumstances.
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، کہہ دے جب اک بار،
محمد(صلعم) ہیں تخلیق کا باعث، پیار سے کر اقرار،
پھر کیوں غیر کے دوار، جا کر سر کو جھکائے۔
|
وحدہٰ لا شریک لہ، جے انج کہنا ایں
تاں من محمد (صلعم) کارنے، وچ دھیانوں نینہ
گیا فیر کِسراں ایں، ہوراں ول سِیس نواندا تُوں؟
|
3 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 3 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, jaDahin chayo jann’e
Tann’e manJiyo Muhammad kaarNi, heejaah saaN’u he’ain,
TaDahin manjhaan tann’e, awataD’e kon’a oliyo.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। जॾहिं चयो जन्नि।
तनि मञ्यो मुहम्मद कारणी। हेजां साणु हींय्यअन्नि।
तॾहिं मंझां तन्नि। अवतड़ि को न ओलियो॥
|
هنن جڏهن (پڪي ارادي سان) وحده لا شريڪ لـه (ڪلمئہ شھادت) جو اقرار ڪيو ۽ دل جي خوشيءَ سان محمد صلي الله عليـه وسلم کي پنھنجو اڳواڻ ڪري تسليم ڪيو، تڏهن اهڙن ايمان وارن مان ڪوبہ راھ کان ڀٽڪي نہ ويو. (سڀئي ڪاميابيءَ سان منزل تي پھچي ويا).
|
Those who reaffirmed their belief in the unity of Allah and wholeheartedly accepted the prophethood of Prophet Muhammad (PBUH), acknowledging that the universe was created for his sake, would never be relegated to an unfavorable position.
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، کہا جنہوں ئے یار!
محمد (صلعم) ہیں تخلیق کا باعث، دل سے تھا اقرار،
پہنچے وہ سب پار، کبھی بھی مشکل گھاٹ نہ آیا۔
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، جیں آکھیا جدوں
اس منیا محمد (صلعم) کارنے، ہیجاں نال دلوں
اوسے لئی تدوں، نہ رنج نہ گمراہی۔
|
4 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 4 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, jann uto seen eemaan’a,
Taan manJ’u Muhammad kaar’Ni, qalb’a saaN’u lesaan’a,
Oo’e faeq’a men farman’a, awtaR’e kahen na Auliya.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। जनि उतो सें ईमान।
तनि मञ्यो मुहम्मद कारणी। क़लब साणु लिसान।
ऊइ फ़ाइक़ में फ़र्मान। अवतड़ि कंहिं न ओलिया॥
|
جن ’وحده لاشريڪ لـه‘ (شھادت جو ڪلمو) چئي ايمان (يقين) آندو ۽ جن حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي دل توڻي زبان سان (ٻنهي جھانن جو) ڀرجهلو ۽ سھارو ڪري قبوليو، اُهي ئي الاهي حڪم جي فرمانبرداريءَ ۾ سڀني کان اڳڀرا آهن ۽ اُهي ئي آهن جيڪي (ان ڪارڻ) ڪڏهن بہ ڪنھن اڻانگي تڙ ڏانھن ڌڪجي نٿا وڃن. (گمراھ نٿا ٿين ۽ سلامتيءَ سان منزل تي پھچن ٿا)
|
Those who sincerely acknowledged the unity of Allah and embraced the prophethood of Prophet Muhammad (PBUH) in both their thoughts and words, are always at the forefront in carrying out Allah's commands. Such individuals will never be deprived of embarking on the right path.
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، کہیں اور ہو ایمان،
محمد (صلعم) ہیں تخلیق کا باعث، مانے قلب و زبان،
یہ فائق کا فرمان، وہ کبھی نہ مشکل گھاٹ گئے۔
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، جیں آکھیا سنگ ایمان
تیہناں منیا محمد (صلعم) کارنے، دل تے نال زبان
اوہ فائق وچ فرمان، نہ رنج نہ گمراہی۔
|
5 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 5 |
اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ،
بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.
|
AwtaRe kahen na Auliya, sutaDe waya saalim’a,
Heka’ee hek thiya, Ahad’a sain aalem’a,
Bey baha baalem’a, AaGy kaya aGaheen.
|
अवतड़ि कंहिं न ओल्या। सुतड़ि व्या सालिम।
हेकाई हेकु थ्या। अहद सें आलिम।
बे बहा बालिम।आगे किया अॻहें॥
|
اهي (الله جا صالح ٻانها) ڪڏهن بہ راھ کان بيراھ نہ ٿيا ۽ ڪٿي بہ ڀلجي يا ڀٽڪي نہ ويا، بلڪ هو سڌو سنئون منزل تي وڃي پھتا. اُهي (عارف) ٻانها مالڪ حقيقي (ذات احد) ۾ ملي هڪ ٿي ويا (جڏهن سندن صفات ذات ۾ گم ٿي ويون). بيشڪ مالڪ سائين ازل کان ئي هنن پنھنجن پيارن کي املهہ انسان ڪري پيدا ڪيو هو.
|
Those individuals who possessed divine knowledge and acknowledged the unity of Allah as well as the prophethood of the Prophet, attained a profound connection with Allah even in this earthly realm. Such esteemed individuals directly embarked on the path of righteousness without being led astray. These invaluable companions were elevated to higher realms right from the very beginning of their journey.
|
راہ میں مشکل گھاٹ نہ آیا، ناؤ رہی سالم،
ایک سے مل کر ایک ہوئے ہیں، ایسے سارے عالم،
بن گئے وہ سب بالم، رب کے روزِ ازل سے۔
|
نہ رنج نہ گمراہی، رستے سدھے اُتے سالم
اِک اکائی وچ ہوئے نیں، سنگ احد عالم
بے بہا بالم، اللہ کیتا مُڈھ توں
|
6 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 6 |
آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ،
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
|
AaGy kaya aGaheen, nisoro ee noor’u,
La khoufun allahim wa la hum yahzanoon, sachan’e konhy soor’u,
Mola kayo mamoor’u, ang’u azal’a men unn’a jo.
|
आगे किया अॻहें। निसोरो ई नुरु।
ला ख़ौफ़ुं अलेहिम वला हुम यह्ज़नून। सचनि कोनहे सूरु।
मोले कियो मअमूरु। अंगु अज़ल में उनि जो॥
|
مالڪ سائين اهي (عارف) ازل کان ئي خالص نور (هدايت ۽ روشني) ڪري پيدا ڪيا. قرآن جي آيت موجب انهن لاءِ ڪوبہ خوف خطرو ڪونهي ۽ نڪي هو ڏک ڏسندا. الله تعاليٰ ازل کان ئي سندن حق ۾ اهڙي انگ (حڪم) لکڻ جو امر ڪيو آهي.
[مثنويءَ ۾ جابجا اهو ذڪر ملي ٿو تہ الله جا خاص ٻانها نوراني فطرت وارا آهن.
جسم شان را هم ز نور اسرشتہ اند،
تا ز روح و از ملک بگذشتہ اند.
(دفتر سوم، ب-8)
معنيٰ: انهن جا جسم نور مان ٺھيل آهن ۽ انهيءَ ڪري هو روحن ۽ ملائڪن کان بہ وڌيڪ آهن.]
|
In the precreation phase, Allah formed them as embodiments of light. These righteous individuals possess no apprehension of being questioned on the Day of Judgment, nor any regret regarding their worldly deeds. Indeed, Allah had ordained their exaltation even before the inception of the world.
|
رب نے ان کو روزِ ازل سے، کیا سراپا نُور
لاخوف علیہم ولا ھُم یحزنون، کبھی نہیں رنجُور
عشق میں معمور ، کردیا رب نے روزِ ازل سے۔
|
مُڈھ توں لے کے، دھنی اوہناں نوں نِرمل کیتا نور
لاخوف علیہم ولا ھم یحزنون، پیڑاں نہ پین سچور
مولیٰ کیتا معمور ، ازل توں بھاگ اوہناں دے
|
7 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 7 |
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
|
Wahadahu jy wadhiya, kaya Illallah’a adh’a
Sy dhaR’a pasy sadh’a, kahen abhaGi’a na theay.
|
वह्दहु जे वढिया। किया इललाह अध।
से धड़ पसी सध। कंहिं अभाॻीअ न थिये॥
|
جيڪي ’الله هڪ آهي‘ واري وائيءَ سان وڍجي ويا (فنا ۾ قدم رکيائون) ۽ ’فقط هڪ الله‘ چوڻ سان ڀاڱا ڀاڱا يا اڌو اڌ (مڪمل فنا) ٿي ويا، اهڙن وڍيل (فنا ۽ جذب ٿيل) ٻانهن (سالڪن) کي ڏسي، انهيءَ مٿانھين منزل (حال) تي پھچڻ جي خواهش ڪنھن بي نصيب کي ئي نہ ٿيندي‘! (اهو حال فقط نصيب وارن لاءِ مخصوص آهي!)
|
Those who strive to establish the unity of Allah assert that there is no deity except Allah. In essence, they are deeply devoted to upholding the oneness of Allah. Regrettably, individuals who observe the aforementioned dedication of the seekers may abandon their aspiration for reunion with Allah.
|
وہ جو قتیل وحدت ہیں اور الا اللہ کے بسمل،
کون ابھاگا ایسا ہو جو، چاہے نہ یہ منزل۔
|
وحدہٗ جو وڈھے کیتے الا اللہ نے ادھ
دیکھ کے دھڑ کوئی بدقسمت، جو چاہ نہ دھارے۔
|
8 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 8 |
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
|
Wahadahu jy wadhiya, Illal’llah adh’a kaya,
Muhammad Rasool chai, musalman thiya,
Ashiq’a Abdul Lateef chaye, enhee’a pah’e piya
Telaahan dhaNi dhu’a, jelaahan eiya wahadat’a gaDji.
|
वह्दहु जे वढिया। इललाह अध किया।
मुहम्मद रसूलु चई। मुसलमान थिया।
आशिक़। अब्दुल्लातीफ़ चे। इनहीअ पहि पिया।
तेलांहं धणी धुता। जेलांहं विया वह्दत गॾिजी॥
|
جيڪي ’هڪ الله‘ (لاالہٰ: هن کان سواءِ ڪو معبود ناهي) ۾ پنھنجي وجود کي گم ڪن ٿا ۽ ’فقط هڪ الله‘ (وحدت) ۾ پاڻ کي فنا ڪن ٿا ۽ جيڪي ’محمد رسول الله‘ (محمد صلي الله عليه وسلم، الله جو موڪليل پيغمبر آهي) چئي ايمان آڻن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو پوءِ اُهي ئي عاشق ٻانها اُن راھ تي پڪا پختا ٿي هلڻ وارا آهن. بيشڪ جڏهن الله تعاليٰ اُنهن کي پاڻ گهري ٿو (هنن کان راضي ٿئي ٿو) تڏهن کين وحدت واري واٽ نصيب ٿئي ٿي.
|
Those who are profoundly immersed in the unity of Allah and have attained a state of complete selflessness have wholeheartedly acknowledged the Prophethood of Prophet Muhammad (PBUH) as the last messenger of Allah. They have submitted themselves entirely to the commands of Allah and the Prophet, which made them true Muslims. Abdul Latif says, they have accomplished this out of love. Through their recognition and due to their deep integration with the oneness of Allah has absolved them of all worldly attachments and impurities.
|
وہ جو قتیل وحدت ہیں اور، الا اللہ کے بسمل،
کہا کہ "برحق محمدﷺٖ ہیں" اور ہو گئے دل سے قائل،
کہے لطیف کہ جس عاشق نے، پائی ہے یہ منزل،
وحدت سے گئے مل، تب رب نے اس کو دھو دیا۔
|
واحدت کُٹھے الا اللہ دا، ریہندے ورد پکوندے
کہے لطیف اجہئے سالک، مسلمان کہاوندے
لطیف جو عاشق رب دے، ایہو راہ اپناوندے
واحدت کٹھے جپدے ریہندے الااللہ الااللہ
دھرئیے سِر یار دے قدمیں ہووے جنم سبھاگا
|
9 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 9 |
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ،
ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن،
سُکَ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
|
Wahadahu jy wadhiya, Illallah’a seen oreen’e,
Henyoon haqeeqat’a gaDiyo, tareeqat toreen’e,
Maarifat’a ji maath’e seen Desandur’u Doreen’e
Sukh’a na sutaa kaDahen, wehi na wooReen’e
Kulahioon koreen, ashique Abdul Lateef chaye.
|
वह्दहु जे वढिया। इललाह सें ओरीनि।
हिंयूं हक़ीक़त गॾियो। तरीक़त तोरीनि।
मअर्फ़त जी माठ सीं। ॾेसांदरु ॾोरीनि।
सुखि न सुता कॾहीं।वेही न वोड़ीनि।
कुल्हनिऊं कोरीनि।आशिक़ अब्दुल्लतीफ़ु चे॥
|
جيڪي ’هڪ الله‘ (واري عشق) وڍي (فنا، ڪري) ڇڏيا سي ’فقط هڪ الله‘ واري وائي ڪن ٿا. اهي پنھنجي دل هر وقت حقيقت (حق تعاليٰ) ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا ۽ هميشه طريقت (حق واري واٽ) تي پورو هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو معرفت (حق جي عارفانہ ڄاڻ) جي منزل (نشان، اهڃاڻ) کي وڏي صبر ۽ سانت سان پنھنجي اندر ۾ ڳولين ٿا. عبداللطيف چوي ٿو اهڙا عاشق ئي پنھنجو سر ڪلهن کان ڪاٽي ٿا ڏين (هو پنھنجو ’پاڻ‘ وڃائڻ وارو درجو حاصل ڪن ٿا).
[روميءَ جي فڪر مطابق هيءَ قرب جي انتها يعني توحيد ذاتيءَ جو اظھار آهي جنھن جي سمجهاڻي حضرت زيد جي حڪايت ۾ ملي ٿو، جڏهن هو چوي ٿو:
نہ ازو نقشي بيابي، ني نشان
نہ کهي يابي بہ راه کهکشان
شد حواس و نطق با پايان ما
محو نور دانش سلطان ما
(دفتر اول ب 3669 ۽ 70)
معنيٰ: هن جي وجود جو ڪو جزو ۽ ننڍو نشان بہ باقي نہ بچيو. جيئن سج جي روشنيءَ کان پوءِ ڪنھن تاري جو نالو نشان نہ رهندو آهي، اهڙيءَ طرح (ان مرحلي تي) اسان جا سڀ حواس ۽ ڳالهيون ان اصلي مالڪ جي نور ۾ گم ٿي ويا.]
|
The seekers who wholeheartedly endorse and fervently embrace the unity of Allah affirm and align themselves with the belief that there is no deity except Allah. Their hearts are immersed in this truth, leading them to practice self-denial. Quietly and without drawing attention, they venture to distant locations and immerse themselves in profound spiritual exploration in search of divine knowledge. However, they never find contentment or establish permanent residence in any specific place, as they reject complacency. Abdul Latif says, "These devotees metaphorically sever themselves from their shoulders downwards, symbolizing their intense dedication."
|
وہ جو قتیلِ وحدت ہیں اور، لب پر الا اللہ،
جن کو عرفانِ حقیقت، جن کی طریقت راہ،
معرفت کی مہر ہے لب پر، ڈھونڈے دُور نگاہ،
سُکھ سے پل بھی آنکھ نہ جھپکیں، من میں درد اتھاہ،
ان کی عجب ہے چاہ، وہ کاٹیں سر کندھوں سے۔
|
وحدہٗ دے وڈھے، اِلا اللہ دا درد پکاون
من حقیقت وچ رلا کے، طریقت نوں جانن
وچ معرفت چپ چپیتے، وادیاں دل نوں جاون
سوندھے سُکھ کدے نہ بہہ کے، اوہ کدی ہنڈھاون
سر مَوراں توں لاہون، عاشق عبداللطیف کہوے
|
10 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 10 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, Budh’ee na BoRa,
Kee to kaneen na su’aa, jay ghutt’a andar ghoRa,
GaReenden GoRha, jit’e shahid’a theenda’ee samuhaan.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। ॿुधइ न ॿोड़ा।
की तो कनें सुआ। जे घुट अंदर घोड़ा।
ॻाड़ींदें ॻोढ़ा। जिति शाहिद थींदइ सामुहां॥
|
هو پاڻ (الله تعاليٰ) هڪ آهي، ٻيو ڪوبہ ساڻس برابر يا مٽ ناهي! اي ٻوڙا، ڇا تو اهو (هيڪڙائيءَ وارو) آواز يا سڏ ڪونہ ٻُڌو؟ ڇا تو پنھنجي اندر مان اهڙي ڪا ڳالهہ نہ ٻُڌي! (افسوس!) حساب واري ڏينھن جڏهن تنھنجي سامهون گواھ اچي بيھندا تڏهن تون پيو روئيندين ۽ ڳوڙها ڳاڙيندين.
|
Oh, you deaf! Have you not comprehended the undeniable truth that Allah is singular and devoid of any partner? Will you continue to disregard the clear inner urgings and admonitions of your soul in to this matter? If so, you shall be the one to bear the consequences on the Day of Judgment when witnesses will testify against you.
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ ، سنا نہیں اے غافل!
باطن کی آواز سے بھی تُو، ہو سکا نہ قائل،
ہوں گے گواہ مقابل، روئے گا تو دن محشر کے۔
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ سندا نہیں اوہ بولے
کیا توں کنیں نہیں سُنیا، جو اندراں وچ نیں گھوڑے
اتھرو اوروں وگونے، جتھے ساہمنے تھیندے شاہد
|
11 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 11 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, ee’u wiha’ej’u vee’u,
Khateen jy harayen, handh’u tuhinjo hee’u,
ParNan chawandai pee’u, bhare jaam’u jannat’a jo.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। ईउ विहाइजि वीउ।
खटें जे हारांएं। हन्धु तुंहिंजो हीउ।
पाणां चवन्दुइ पीउ। भरे जामु जन्नत जो॥
|
هو (الله تعاليٰ) هڪ آهي، سندس ٻيو ڪو مٽ ثاني ۽ شريڪ ڪونهي (خدا کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ناهي). (اي انسان) تون اهوئي وڏو نفعي وارو سودو خريد ڪر (اهائي سيڙپ ڪر). (ياد رک) تنھنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو هنڌ ۽ ماڳ اهو (موجودہ جھان) ئي آهي. (ڪاميابيءَ جي صورت ۾ ملائڪ) ضرور توکي جنت ۾ پيالو ڀري ڏيندا ۽ چوندا تہ اچي وٺ ۽ پيءُ!
|
You ought to acquire the merchandise of the unity of Allah. Regardless of whether you experience gain or loss, your faith and actions in this world will shape your future. This world is a realm of action and serves as a pathway to your subsequent life. Should you steadfastly adhere to your belief in the Oneness of Allah, you shall be recognized and rewarded with a cup brimming with the exquisite wine found in Paradise.
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، یہ ہی کر بیوپار،
یہی تیری منزل ہے اب، جیت ہو چاہے ہار،
کہیں گے خود سرکار، پی لے جام تو جنت کا۔
|
وحدہ لا شریک دا سودا، جانی ونج٭ چنگیرا
گھاٹا ہووے لاہا ہووے، خیال نہ کریں ودھیرا
جنت توں اوہ جام لیاو، آکھو "پی لے پی لے"۔
٭ ونج (اتھے "ن" دی تھان اڑنوں پڑھیا جاوے)
|
12 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 12 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, ee’u hekRaee’a haqq’a
Biyaee’a khe Bakh’u, jann’e widho sy wirsiya.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। ईउ हेकड़ाईअ हक़्क़।
ॿियाईअ खे ॿख्खु। जनि विधो से विरसिया॥
|
’الله‘ هڪڙو آهي ۽ هن جو ڪوبہ شريڪ ناهي. وحدانيت (توحيد) جو حق ۽ سچ ۽ اصل اهوئي (يقين) آهي. باقي جيڪي دوئيءَ کي چنبڙيا (ٻيو ڪو ويساھ رکيو) تہ اهي بيشڪ ڀليل ۽ گمراھ آهن.
[مثنويءَ ۾ توحيد جي سمجهاڻي ڏيندي، رومي چوي ٿو:
چيست توحيد خدا آموختن، خويشتن را پيش واحد سوختن.
در من وما سخت کردستي تو دست، هست اين جمله خرابي از دو دست.
(دفتر اول، ب- 3011 ۽ 12)
معنيٰ: خدا جي توحيد جو ڇا مطلب آهي؟ پاڻ کي ان واحد هستيءَ ۾ فنا ڪرڻ آهي، پر تون ’مان ۽ تون‘ واري ٻيائيءَ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهين. مطلب تہ اها ساري خرابي ٻن وجودن (پاڻ کي ذات کان الڳ رکڻ) ۾ آهي.]
|
Allah stands alone in His uniqueness and without any partner. His assertion of oneness is of great significance and unwavering. Without a doubt, those individuals who adhered to beliefs in duality or polytheism deviated from the right path.
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، یہ ہے حق یکتائی،
منزل کبھی نہ پائی، دوئی میں جو الجھ گئے۔
|
وَحْدَہٗ لاَشَرِیْکَ لَہٗ، ایہو ای کلا حق
دُوئی نوں لیا جپھ، جہنے اوہ پشیمان تھیا
|
13 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 13 |
ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
|
Sirr’u dhoondhiyan, dhaRr’a na lahaan, shaRr’a dhoondhiyaan, sirr’u naah’e,
Hath’a karayoon aanGuriyoon, wiya kapji kaanhen,
Wahadat’a jy wihaa’en, jy eiya sy wadhiya.
|
सिरु ढूंढियां। धड़ न लहां। धड़ ढुंढियां सिरु नाहि।
हथ करायूं आङ्रियूं। विया कपिजी कांहिं।
वह्दत जे विहांइ। जे विया से वढिया॥
|
پنھنجي سسي پيو ڳوليان (هٿ لائي پڪ پيو ڪريان) تہ وري باقي جسم نٿو لڀي، پر جي وري جسم کي ٿو ڳوليان (هٿ ٿو لايان) تہ سسي گم آهي (لڀي ئي نٿي). ٻيا عضوا هٿ، ڪرايون ۽ آڱريون ڪڏهن ۽ ڪيئن وڍجي ويا (ڪا خبر نٿي پوي). بيشڪ جن حق (توحيد ذاتي) جو مشاهدو ماڻيو، سي (اهڙيءَ ريت) وڍجي (ذات حق ۾ فنا ٿي) ويا.
|
These individuals, especially when they are in a spiritual gathering with their beloved, experience a sense of uncertainty about their own existence, as if they are devoid of a head and their hands, wrists, and fingers have been severed. Indeed, those seekers who sought unity with Allah had to completely efface their own identity.
|
سر ڈھونڈوں تو دھڑ نہ پاؤں، دھڑ پاؤں تو سر کہاں،
جیسے سرکنڈے کٹتے ہیں، کٹے ہیں ہاتھ اور انگلیاں،
تن من خون افشاں، وصل جنہیں وحدت کا۔
|
سِر لبھاں تے دھڑ نا لبھے، دھڑ لبھاں سِر ناھیں
نا لبھن ہتھ کلائی انگلاں، گئیاں کٹ کتھائیں
وصل وحدت دا جن چاھیا، فنا کر لیا آیا
|
14 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 14 |
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
|
Wahdataan kasirat’a thee, kasirat’a wahdat’a kul
Haq’u haqeeqi hekRo, Boli Bee ma bhul
Hoo hulacho hull’u, billah’e sando saJarNen.
|
वह्दतां कस्रत थी। कस्रत वह्दत कुल्लु।
हक़ु हक़ीक़ी हेकड़ो। ॿोली ॿीअ म भुल्लु।
हू हुलाचो हुल्लु। बिल्लाहि सन्दो सॼणें॥
|
هيڪڙائيءَ مان گهڻائي ٿي، پر گهڻائي توڻي هيڪڙائي دراصل ’ڪل‘ آهن (صورتن جي گهڻائي يا اختلاف وحدت جي نفي ناهي). بيشڪ حق تعاليٰ ئي حقيقت ۾ هڪڙو آهي. تون (انهيءَ حقيقت کي ڇڏي) ٻيءَ ڪنھن ڳالهہ (ويساھ) تي لڳي گمراھ نہ ٿيءُ. الله جو قسم هن سڄي جھان ۾ هر قسم جو غلغلو ۽ پڙلاءُ (شان ۽ وڏائي) انهيءَ حقيقي محبوب جو (سندس) آهي.
[وحدت مان ڪثرت جو ظھور ڪيئن ٿو ٿئي، ان جي سمجهاڻي مثنويءَ ۾ ڪيترين ئي تشبيھن ۽ تمثيلن سان ڏني وئي آهي.
منبسط بوديم و يک گوهر همـﮣ
بي سروپا بديم آن سر همـﮣ
يک گُهر بوديم همچون آفتاب
بي گره بوديم وصافي همچون آب
(دفتر اول ب 686 ۽ 87)
معنيٰ: اسين سڀ هڪ هنڌ هئاسون ۽ هڪ جوهر هئاسون. اسان جا هٿ پير ڪجهہ نہ هئا، سڀ اها ذات هئي. اسين سج وانگر هڪ موتيءَ جي حيثيت ۾ هئاسون. ان پاڻيءَ ۾ ڪا هيٺ مٿانھين نہ هئي ۽ اسين صاف ۽ شفاف پاڻي هئاسون.
مطلب تہ صوفين جي نظر ۾ هستي يا وجود هڪڙو آهي، جيڪو مختلف صورتن يا تعينات ۾ ظاهر ٿئي ٿو. وري اهي صورتون يا تعنيات عارضي ۽ اعتباري يعني فقط نظر اچن ٿا. گويا شين جي ظاهري صورت هڪ وجود جي مرهونِ منت آهي ۽ ان کي وحدت الوجود چون ٿا.
اڳتي هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:
دمدمئه اين ناي از دمهاي اوست
هاي هوي روح از هيهاي اوست
(دفتر ششم ب 2005)
معنيٰ: بانسريءَ جو اهو آواز ۽ شور هن جي ڪري آهي. اسان جي روح جو اهو هل هنگامو سمورو هن جو پنھنجو آهي.]
|
Multiplicity has emerged from unity, and it is true that both stem from the singular Allah. Truly, there is only one transcendent being, Allah; and nothing exists beyond or beside Him. Do not be deceived in this matter. I solemnly swear by Allah that nothing else exists. Everything you hear regarding this is mere clamor and conjecture, trust me it is generated even by a Him.
|
وحدت سے ہی کثرت ہے اور، سب کثرت ہے وحدت،
حق تو حقیقی ایک ہے سائیں! چھوڑ تو سب غفلت،
ہر سُو پی کی نوبت، واللہ باج رہی ہے۔
|
وحدت تو کثرت تھی، کثرت وحدت کُل
حق حقیقی اِکو، دوجی وچ نہ بُھل
ایہہ سارا شور و غل، قسم اللہ دی سجناں دا
|
15 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 15 |
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
|
Toon cha'u Allah'u hekRo, vai Bee wisaar'e,
Tan'a men tand'u tanwar'e, sada supeerian ji.
|
तूं चओ अललहु हेकिड़ो। वाइई ॿी विसारि।
तिनि में तंदु तंवार। सदा सुपीरीन जी॥
|
تون پنھنجي زبان سان الله جي هيڪڙائيءَ جو اقرار ڪر ۽ ان کان سواءِ ٻيون سڀ ڳالهيون وساري ڇڏ. تون هر وقت ۽ هر گهڙيءَ پنھنجي اندر ۾ ۽ هر هڪ ساھ پساھ ۾ ان پياري پرينءَ کي پيو ياد ڪر. (ان جي ياد کان هڪ لمحو ۽ ساعت بہ غافل نہ ٿيءُ)
|
Affirm the oneness of Allah, releasing attachment to worldly matters. Instead, immerse yourself in the continuous recollection of cherished memories with your beloved, allowing them to resonate within your very being.
| null | null |
16 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 16 |
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
|
Toon cha'u Allah hekRo, Bee vai qisary chhaD'e
Taan toon he'yain seen gaD'e, saJarNu saah'a pasaah'a men.
|
तूं चओ अललहु हेकिड़ो, ॿी वाइई विसअरी छॾि
तिअं तूं हिनययं सैन गॾु, सॼणु सअह पसअह में
|
تون الله جي وحدانيت جو کليل اقرار ڪر ۽ ٻي ڪنھن بہ ڳالهہ ۾ نہ پئو. تون ان حقيقي محبوب کي هر ساھ پساھ ۾ پاڻ سان گڏ سمجهہ (هن جي ياد کان سواءِ هڪ دم بہ نہ کڻ).
|
Utter the words, "Allah is One. Let go of all else." It is only through this surrender that you will discover your beloved residing within your heart and permeating your very existence.
| null | null |
17 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 17 |
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
|
Toon cha'u Allah'u hekRo, Bee warij'e ma vai
Sikh'ej'e toon saai, jeka muki saJanRain.
|
तूं चओ अललहु हेकिड़ो। ॿी वारिज म वाइई।
सिखिजि तूं सा अई। जेका मुकी सॼणें॥
|
تون زبان سان هڪ الله جي هجڻ جو قول ۽ اقرار ڪر ۽ ٻيءَ هر ڳالهہ کي ڇڏي ڏي. تون فقط اها ڳالهہ سک جيڪا پاڻ ان مالڪ سائين (پنھنجن پيارن ٻانهن ذريعي) ڏياري موڪلي آهي. تون اڳي پوءِ انهيءَ اصلي ڳالهہ کي ڳولي لھ (۽ اُن تي عمل ڪر).
|
Proclaim the unity of Allah, setting aside all else. Absorb the wisdom imparted by your beloved, embracing the profound lesson they have conveyed to you.
| null | null |
18 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 18 |
پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀَ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئو.
|
ParNhen jall’u jalalahu ParNhen jaan’e jamal’u
ParNhen soorat piree’an ji, ParNhen husun’u kamal’u
ParNhen pir’u mureed’u theay, ParNhenparN’a khayal’u,
Sabh’u sabhoee haal’u, manjha’ee maloom’u theay.
|
पाणहिं जल्ला जलालुहू। पाणहिं जानि जमालु।
पाणहिं सूरति पिरीअं जी। पाणहिं हुस्नु कमालु।
पाणहिं पीरु मुरीदु यिए। पाणहिं पाण ख़यालु।
सभ सभोई हालु। मंझां ई मअलूम थिए॥
|
’الله‘ پاڻ ئي وڏي عظمت ۽ جلال وارو آهي ۽ پاڻ ئي سراپا سونھن آهي. پاڻ ئي (ذاتي طور) محبوب جي صورت آهي، پاڻ ئي حسن جو ڪمال (انتھا) آهي. هو پاڻ ئي مرشد ۽ پاڻ ئي ’مريد‘ آهي. پاڻ ئي (پنھنجي ذات ۽ صفت جو) حقيقي پرتوو ۽ خيال آهي. (طالب کي) اهو سمورو حال (حقيقت جي ڄاڻ) پنھنجي اندر وجود ۾ غور و فڪر ڪرڻ مان ئي حاصل ٿئي ٿو.
[مثنويءَ ۾ اهو خيال ڪنھن حد تائين هن ريت ملي ٿو:
خوبرويان آئينہ خوبي او،
عشق ايشان عکس مطلوبي او
هم بااصل خود رود اين خد و خال،
دائما در آب کي ماند خصال
جمله تصويرات، عکس آبجوست،
چون بمالي چشم خود جمله اوست.
(دفتر ششم ب 3081 ۽ 83)
معنيٰ: سڀ سهڻا ۽ حسين هن جو آئينو آهن ۽ انسانن ۾ عشق هن جي عشق جو عڪس آهي. حسينن جو حسن جڏهن موٽندو آهي تہ اوڏانھن اصل وٽ ويندو آهي. پاڻيءَ ۾ عڪس ڪيستائين برقرار رهندو. هي سڀ صورتون پاڻيءَ ۾ عڪس آهن. جيڪڏهن تون پنھنجي اکين کي صاف ڪري ڏسندين (صحيح نظر پيدا ڪندين) تہ سڀ ڪجهہ هو پاڻ آهي.]
|
He encompasses majesty within Himself, he is being the sole essence of beauty too. He is both the beloved and the embodiment of beauty. He is the guide and, at the same time, the follower. He is the very manifestation of Himself. The seeker can apprehend all of this through introspection from within their heart.
|
خود ہی جل جلالہٰ، خود ہی جانِ جمال،
خود ہی صورت یار کی، خود ہی حسن کمال،
خود ہی پیر مرید بنے اور، خود ہی یار خیال،
سارا یہ احوال، اپنے آپ میں ڈوب کے پایا۔
|
اوہ تاں آپے جل جلال اے، تے جمال وی آپے
رنگ روپ وی بدلے آپے، حُسن کمال وی آپے
آپے مرید مرشد آپے، وہم خیال وی آپے
تانا بانا مالم تھیسی (جے) اندر جھاتی ماریں
|
19 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 19 |
پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ،
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
|
PaN’ehen pasy paN’a khe, Pan’ehen ee Mehboob,
PaN’ehen khalqy khoob’u, paN’ehen talib’u tan’e jo.
|
पाणहिं पसे पाण खे। पाणहिं ई महबूबु।
पाणहिं ख़ल्क़े ख़ूबु। पाणहिं तालिबु तनि जो॥
|
هو (خالق) پاڻ ئي پنھنجو پاڻ کي ڏسي ٿو (پنھنجو ديدار پاڻ ڪري ٿو) ۽ پاڻ ئي پنھنجو معشوق (مطلوب) آهي. هو پاڻ ئي هر سهڻي صورت جو خلقيندڙ آهي ۽ پاڻ ئي ان جو طالب (مشتاق) آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هنن لفظن ۾ ملي ٿو:
جمله معشوق ست عاشق پردهء
زنده معشوق ست عاشق مردهء
(دفتر اول ب 30)
معنيٰ: هر هنڌ ۽ هر صورت ۾ محبوب پاڻ آهي، عاشق تہ صرف پردو آهي. اهڙيءَ ريت معشوق پاڻ ئي زندہ آهي، عاشق تہ مئل آهن (هنن جو ڪھڙو وجود يا زندگي ٿي سگهي ٿي!).
اڳتي چوي ٿو:
چونکه عاشق اوست، تو خاموش باش
اوچو گوشت مي کشد، توگوش باش.
(دفتر اول ب 742)
معنيٰ: جيئن تہ هو پاڻ عاشق آهي، تنھن ڪري تون خاموش رھ. اهو ئي تنھنجي ڪن کي ڇڪي ٿو، تون صرف ڪن بنجي پؤُ.]
|
He holds affection for Himself, and He is the object of His own love. He creates everything beautiful and instills a longing for Himself within His own creations.
|
خود ہی دیکھے خود کو، خود ہی ہے محبوب،
خود ہی خالقِ خوب، خود ہی اس کا طالب۔
|
آپ حَسین حَسینی تکے، فر معشوق وی آپے
آپے گَھڑدا سوہنے بھانڈے، فِر گاہک وی آپے
|
20 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 20 |
سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ،
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.
|
So He’u, so Hoo, so ajal’u, so Allah’u,
So pireen, so pasah’u, so veri, so waharoo.
|
सो हीउ। सो हू। सो अजलु। सो अल्लाहु।
सो पिरीं। सो पसाहु। सो वेरी। सो वाहरू॥
|
هيءَ (شيءِ) يا هو (پاڻ) يعني هِتي يا هُتي (هر هنڌ)، تقدير يعني هر شيءِ جو مقدر اهو ئي پاڻ الله آهي. اهو پاڻ ئي دلين جو دلبر بہ آهي تہ هر ساھ پساھ ۾ بہ پاڻ آهي. اهو ئي نقصان رسائيندڙ بہ آهي تہ حقيقي مددگار ۽ دوست بہ وري پاڻ آهي.
[صوفين جي سمجهاڻي موجب هر شيءِ حق جو مظھر آهي، پر حق جي ذات يا پاڻ ان شيءِ تائين محدود يا مقيد ناهي. هن جو هر شيءِ ۾ جلوو ڏسي سگهجي ٿو، ڇو تہ هو ڪنھن شيءِ کان جدا بہ ناهي. مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت آهي:
گاه خورشيد و گهي دريا شوي،
گاه کوه قاف و عنقا شوي.
تو اين نہ باشي و نہ آن درذات خويش،
اي فزون از ومها وز بيش بيش.
(دفتر سوم، ب- 57 ۽ 58)
معنيٰ: تون ڪڏهن سج آهين تہ ڪڏهن درياءَ، ڪڏهن ڪوه قاف جبل تہ ڪڏهن عنقا پکيءَ وانگر بي نشان. ليڪن پنھنجي ذات ۾ تون نہ هي آهين، نہ هو آهين. بيشڪ تون هر خيال ۽ سمجهه کان مٿي ئي مٿي (ماورا) آهين.]
|
He encompasses various roles and attributes. He is both the destroyer and the creator. He is the beloved and the source of life. He can be seen as both the adversary and the guiding force.
|
یہ بھی وہ اور وہ بھی وہ، اِجل بھی وہ اللہ بھی وہ،
پریتم وہ اور جان بھی وہ، دشمن اور پناہ بھی وہ۔
|
آپے مارے آپے سِر جے، جو کردا سو آپے
ویر کماوے، واہر کردا، جان، جمالوں آلے
|
21 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 21 |
عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.
|
Ashiq’u chau ma un’a khy, ma ki chau mashooq,
Khaliq’u chau ma kham’a toon, na ki chau makhlooq
Salij’e tanheen sulook’u, jo naqisaan ninGiyo.
|
आशिक़ु चौ म उन खे। म की चौ माशूक़ु।
ख़ालिक़ु चौ म ख़ाम तूं। म की चौ मख़्लूक़ु।
सलिज तंहिं सुलूकु। जो नाक़िसिआं निङ्यो॥
|
تون (عارف) کي فقط عاشق نہ سمجهہ ۽ نہ وري هن کي رڳو معشوق ڪري ڄاڻ. اي ناقص (گهٽ عقل وارا) تون هن کي خالق ڪري بہ نہ سمجهہ ۽ نہ وري کيس محض مخلوق ڪري ڀانءِ! هيءُ سلوڪ (راز، معرفت جي ڳالهہ) فقط ان سان بيان ڪر جيڪو ناقصائي (اڻ ڄاڻائي ۽ بي سمجهيءَ) واري حالت مان نڪري ٻاهر ٿيو هجي (ڪمال معرفت واري درجي کي رسيو هجي).
[مثنويءَ ۾ عورت جي تخليقي روپ کي بيان ڪندي روميءَ وٽ هي الفاظ ملن ٿا:
پرتو حق ست آن، معشوق نيست
خالقست آن گوئيا، مخلوق نيست
(دفتر اول ب 2437)
معنيٰ: اهو سمجهه تہ هن ۾ حق جو پرتوو آهي، اها ان لحاظ کان صرف معشوق نہ آهي، منجهس خالق جي صفت آهي، ان ڪري رڳو مخلوق ناهي.
عارفن جي انهيءَ حالت جو بيان روميءَ جي هڪ مشھور غزل جي هنن مصرعن ۾ ملي ٿو:
مي گفت در بيابان رندي دهان دريده
عارف خدا نہ دارد او نيست آفريده
معنيٰ: برپٽ بيابان ۾ هڪ رند وات ڦاڙي هينئن چئي رهيو هو تہ عارف جو خدا ناهي ۽ نہ وري هو پيدا ٿيل آهي!
ديوان گل جي مصنف خليفي گل محمد روميءَ جي مٿئين شعر جي ترجماني ڪندي هينئن چيو آهي:
جنين کان غير ويو ٿيا عين، ٿيا عرفان عالم ۾
نہ ڪو خالق رکن پنھنجو، نڪو مولا نڪو تن رب.
ڪن شارحن وري هن بيت مان حق تعاليٰ جي ذات احديت مراد ورتي آهي، جتي ڪي بہ مرتبا يا تعينات ڪونہ آهن.]
|
Refrain from calling Him as the lover or the beloved. Avoid referring to Him as solely the creator or merely the creature. However, this understanding can only be conveyed, along with the profound secrets, to those whose faith and character are untarnished.
|
عاشق مت کہ اس کو، اور نہ کہ معشوق،
نہ ہی کالق اے ناداں! نہ ہی کہ مخلوق،
بتا نہ رمز سلوک، ناقص اور ناداں کو۔
|
نا ایہہ عاشق صادق جانیں، تے نا معشوق کیں
خالقوی نا آکھیں مول، تے نا مخلوق کہیں
راز روحانی دسیں بے شک، پاک ہووے جو امبوں
|
22 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 22 |
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.
|
PaRado so saD’u, war’u vaee’a jo jy laheen
Hua aGaheen gaD’u, Budhan’a men Ba thiya.
|
पड़ाॾो सो सॾु। वरु वाईअ जो जे लहीं।
हुआ अॻिहीं गॾु। ॿुधण में ॿ थिया॥
|
جيڪو پڙاڏو آهي سو اصل ۾ سڏ (آواز) ئي آهي. (اصلي آواز کان سواءِ پڙاڏي جو وجود ڪونهي)، بشرطيڪ تون (اصل آواز ۽ ان جي پوئتي موٽيل آواز جي) ان ڳالهہ کي سمجهي سگهين. (توکي خبر هجڻ کپي) اصل ۾ اُهي ٻيئي گڏ (هڪ) هئا، پر ٻُڌڻ ۾ (وٿيءَ پوڻ سببان) ٻہ جدا آواز لڳا.
[مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت ملي ٿي:
آن نداي که اصل هر بانگ و نواست،
خود ندا آنست و وايد باقي صداست.
(دفتراول، ب- 2107)
معنيٰ: اهو آواز ئي اصل ۾ هر قسم جو آواز ۽ صدا آهي. آواز فقط اهو ئي آهي باقي ٻيو سڀ ان جو پڙاڏو يا موٽ وارو آواز آهي.]
|
The sound and its echo are, in essence, a unified entity. If you can discern the truth, free from its complexities, you will realize this. They are not truly two, but rather one, even though they are perceived as separate when heard.
|
ایک صدا ایک گونج، سننے میں ہیں دو
غور سے گر سُن لو، مخرج ان کا ایک ہے۔
|
گُجھ سیہانیں واج اے، آپوں آپ ای اس دی گُونج
سُننے وِچ اے دُوج، اصل توں اِکو نیں اوہ شیواں
|
23 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 23 |
ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون،
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
|
Aik qasar, dar’a lakh’a, koReen kanras GiRkhiyoon,
JeDahun karyan parakh, teDahun Sahab’u samhoon.
|
एकु क़सरु दरअ लखअ। कोड़ोयें कणिसि ॻिड़्खयूं।
जेॾांहं कर्यां परखअ। तेॾांहं साहिब सामुहूं॥
|
محل هڪ آهي، پر ان کي لکين ڪروڙين دريون آهن، جيڏانھن ٿو نظر ڪريان، تيڏانھن صاحب (ڌڻي) کي سامهون ٿو ڏسان.
|
This vast universe is a majestic palace embellished with numerous doors and windows. But where ever I see, in all directions, I see the sight of my Beloved.
|
ایک قصر در لاکھ، اور کروڑوں کھڑکیاں،
جدھر اُٹھے یہ آنکھ، ادھر ہے سندر روپ سجن کا۔
|
محل ھکڑا لکھ دروازے کروڑاں باری لائی
جانی میرا اودھر دسدا، جدھر نظر اٹھائی۔
|
24 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 24 |
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
|
KoReen kayaoon tuhinjoon, likhan’e lakh’a hazar
Jee’u sabh kahin jee’a seen, darsan dharo dhar
Priyam'e tuhinja paar, kahiRa chai kahiRa chuwaan.
|
कोड़ेयें कायाऊं तुंहिंजियूं। लिखनि लखअ हज़ार।
जीउ सभकंहिं जीअ सें। दरसन धारूं धारु।
प्रयमि तुंहिंजा पारअ। किहड़ा चई कीअं चूआं॥
|
(اي منھنجا مالڪ)، تنھنجون صورتون بي شمار آهن تہ تنھنجون وصفون ڪروڙين (ڳڻپ کان ٻاهر) آهن. جيتوڻيڪ هر ساهواري ۾ ساڳئي قسم جو ساھ (حياتي) آهي پر سندن شڪل ۽ صورت الڳ الڳ آهي. اي منھنجا محبوب، تنھنجون ايتريون صفتون آهن جو آءٌ انهن مان ڪھڙيون بيان ڪري ڪھڙي بيان ڪريان.
|
In countless forms do you manifest yourself, your essence permeating every human being, yet their appearances and actions vary from one another. Consequently, your manifestations through them also differ. Oh, my beloved! How can I possibly elucidate your wondrous attributes?
|
ساجن! کیا کیا روپ ہیں تیرے! درشن لاکھ ہزار،
جی جڑے ہیں جی سے سائیں! الگ الگ دیدار،
تیرے روپ ہزار، کیا کیا روپ ہیں دیکھوں۔
|
لکھہ کروڑاں کائیا اندر، تیرا دِسے بسیرا
ہر جیا اندر توں ہے ہِرے جی ہووے درشن تیرا
انت نا پارا وارا تیرا، میں دساں کیں کوں۔
|
25 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 25 |
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چَڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.
|
Jody joD’a jahan’a ji, parN’u kayaeen par’ewar’u
Hami, Hadi, Hashmi, Sardarain sardar’u,
Soonhy Sahaban’e sath’a men, manjh’e masjid’e marNiyadar’u
Char’aee chanGa choudhar’u, hua hekandha, habib’a seen.
|
जोड़े जोड़ जहान जी। पाणु कियाईं परिवारु।
हामी। हादी। हाशमी। सरिदारें सरिदारु।
सूंहे सहाबनि सथ में। मंझि मसिजिदि मण्यादारु।
चारई चङा चौधारु। हुआ हेकान्दा हबीब सें॥
| null |
By orchestrating perfect harmony within the universe, Allah revealed His presence through the Prophet of Islam—the compassionate guide, the esteemed descendant of the Hashemite lineage, and the leader of all prophets. It was only fitting for him to be surrounded by his companions in that sacred mosque, where his esteemed position resonated. Among his companions, there were four individuals who steadfastly remained by his side.
| null |
جوڑ کے جوڑ جہان دا، آپ کیتا سو ظاہر
حامی، ہادی، ہاشمی، سرداراں دا سردار
سوہنی ستھ صحابیاں اندر، مسجد وچ منٹھار
چارے چنگے چودھار، سن اک جیہے یار حبیب دے۔
|
26 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 26 |
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
|
Wahadahu La Shareek’a Lahoo, chaee chuwando aa’o,
Farz’a, wajib’a, sunnatoon, teneyoon tarak’u m’a maa’e
Tobanhan sandee tasbeeh, paDa’haN’a saaN’u puJaye,
Nanga pahenjy nafs’s khe, ka saeen raah’a soonha’e
Ta sandee dozakh’a baah’e, to aoDiyaee n’a achy.
|
वह्दहु ला शरीक लहु। चई चून्दो अउ।
फ़र्ज़। वाजिब। सुनतूं। तिनिऊं तरक म पाइ।
तोबह् सन्दी तस्बीह। प्ड़हण साणु पुॼाइ।
नांगा पोहिंजे नफ़्स खे। का संईं राह सूंहाइ।
त सन्दी दोज़ख़ बाहि। तो ओॾियाई न अचे॥
| null |
It is crucial to recite and consistently recite the affirmation, "Allah is One and without any partners." Never neglect any category of Namaz." Alongside, engage in sincere repentance, repeatedly seeking forgiveness on your rosary. O individual who may be spiritually unawakened or lacking knowledge, align yourself with the righteous path to ensure that the scorching flames of hell do not come near to you.
| null | null |
27 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 1 |
يڪتائي
|
بيت
| 27 |
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين،
خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين،
ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين،
اَنا مولاڪَ وَ اَنتَ مَحبُوبِي ، اِيءَ اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيِّدُ چئَي.
|
JoRy joR’a jahan’a ji, jaDahin joRiyaeen,
Khawand khas’u khalqy, Muhammad mukaa’een,
Kalmo tahen kareem ty, chitto chayaeen,
Ana moula ka wa ant’a mehboobi ee’a utaa’een,
Dekhi Denaaeen, Bai saratoon Sayyad chaye.
|
"जोड़े जोड़ जहान जी। जॾहिं जोड़ियाईं।
ख़ावन्दु ख़ास ख़लिक़े। मुहम्मदु मीकाईं।
कल्मो तंहिं करीम ते। चिटो चायाईं।
अना मोलाक व अन्त महबूबी। ईअं उताईं।
ॾिखी ॾिनाईं। ॿई सराऊं सय्यदु चे॥"
|
رب پاڪ جڏھن ھي سمورو جھان جوڙي راس ڪيو تڏھن ھن ڌرتيءَ جو رھنما آخري نبي حضرت محمد ﷺ موڪليو، جنھن جي مٿان اُن ڪريم رب ڪلمو پڌرو ڪري سڀني مٿان واجب ڪيائين. ھن چيو تہ مان اوھان سڀني جو مولا آھيان ۽ ھيءُ منھنجو محبوب آھي. سيد (لطيف) چوي ٿو تہ ان رب پنھنجي محبوب کي سنواري سينگاري ٻنهي جھانن جو سردار ڪري موڪليو.
|
Upon crafting and refining the cosmos, Allah specifically brought forth Prophet Muhammad (PBUH), may Allah bestow His blessings upon him, and dispatched him as His chosen messenger to this earthly realm. He explicitly included him within the Kalima-e-Touhid, proclaiming, "I am your Lord, and you are My beloved." Sayed says: "Allah perfected both the material and spiritual domains, presenting them to the Prophet." He, the originator of the two worlds, comprehends the profound significance of the command "Be," and it instantaneously "manifests". He reigns in the realm beyond space.
| null | null |
28 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 1 |
اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسِئو،
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
|
Aghee aghaa’ee, Ranj’u Piryaan khy rasiyo,
Chakhiyum changa’ee, soraanghee soori’a taan.
|
अघी अघाई। रंजु पिरियां खे रसियो।
चखियम चङाई। सोरांघे सूरीअ तां॥
|
منھنجي بيماريءَ کي مانُ مليو (صاب پيئي يعني ساڀيان ٿي) جو منھنجي اهڙي حال جي خبر سڄڻ تائين پھچي ويئي. مون کي اها چڱائي (نيڪبختي) تڏهن نصيب ٿي جڏهن ڏکن سورن ۽ دک درد مان لنگهي پار پيس. (انهن جي مقابلي ۾ همت نہ هاري ويٺس).
|
I have achieved the desired outcome through my illness. My dearest one was saddened by my sickness. Truth is that by facing the gallows, I obtained the joy of life and truth.
|
دیکھی جب بیماری میری، پیا ہوئے رنجور،
سولی کو اورانگا میں نے، روگ ہوا سب دور۔
|
سجن میرے غماں نوں، نال گلے دے لایا
مول رائے جد سولی چڑھیا، مزا جین دا پایا
|
29 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 2 |
اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين،
اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
|
Andha Oondha weJ’a! khal’a kuJaDeya kha’een?
Asaan Dukhi Deel men, toon piyareen peJ’a,
Soori Janeen seJ’a, maraN’u tan’e mushahido.
|
"अंधा ऊंधा वेॼ। खल किॼाड़िया खींएं?
असां ॾुखी ॾील में। तूं पियारियें पेॼ।
सूरी जनीं सेॼ। मरणु तनि मीशाहिदो॥"
|
اي ڪم عقل ۽ سمجهہ جا کُٽل طبيب، تون منھنجي ٻاهرئين کل کي اجايو پيو سيڪ ڏين ۽ ساڙين. (توکي خبر ئي ناهي تہ) سڄي تڪليف اسان جي اندر ۾ آهي ۽ تون خوامخواھ پاڻيءَ ۾ سُتيون ملائي پيو پيارين. بيشڪ جن عاشقن لاءِ سوري (جھڙي تڪليف) سيج وانگر آهي، تن لاءِ موت مشاهدي يعني دلبر جي ديدار برابر آهي.
[رومي پڻ چوي ٿو تہ اهو عشق جو نشو آهي، جيڪو سوريءَ کي سرور ۾ بدلائي ٿو، بلڪہ ان کي محبوب بنائي ڇڏي ٿو:
ساحران هم سُکر موسيٰ داشتند،
دار را دلدار مي پنداشتند.
(دفتر چهارم، ب-2100)
معنيٰ: حضرت موسيٰ جي مقابلي تي آيل جادوگرن کي جڏهن اهو ساڳيو نشو نصيب ٿيو تہ هو پڻ ڦاسي (موت) کي دلدار (دل کي وڻندڙ) سمجهڻ لڳا.]
|
"Oh, you blind and backward physician! Why do you scorch my skin? I'm already suffering physically, and you compel me to consume these bitter concoctions! (You don't know that) "Those who consider the gallows a nuptial chamber, death to them is as the path to their union with their beloved."
|
اندھے نیم حکیم بھلا کیوں، اور تو روگ بڑھائے،
روگ ہے میرے من میں پر تُو، دارو اور پلائے،
سولی سیج سہائے، موت تو پیا ملن کی۔
|
اے مورکھ ان جان حکیماں، کاہتوں داغ جلائیں
دل دا روگ اسانوں لگا، توں ایویں پچھ پلائیں
سولی سیج جنہاں نے جانیں، وصل نصیب تِنہاں نوں!
|
30 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 3 |
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
|
Soori’a saD’u thiyo, ka halandi jeDiyoon?
WanJan’u tan’e piyo, neeh’u Genan’e ji.
|
"सूरीअ सॾु थियो। का हलन्दी जेॾियुं?
वञणु तनि पियो। नालो नींहुं ॻिन्हनि जे॥"
|
سوريءَ تي چڙهڻ جو سڏ ٿيو آهي. اي سرتيون، توهان مان ڪا مون سان گڏجي هلندي. بيشڪ انهن کي ضرور وڃڻو پوندو، جيڪي نينھن جو نالو (دل سان) وٺن ٿا. (جيڪي عشق ۾ سچا آهن).
|
My friends! Is anyone willing to join me at the gallows? Keep in mind, only those who profess their love should accompany me.
|
سولی نے ہے بُلایا، کون چلے گی ساتھ
ان سے رہا نہ جائے کریں جو، پیا ملن کی بات۔
|
سولی ہاکاں مارے سیئو، دس کِن کِن جانا
میں تاں ایہہ تن جاکے اڑیو، عشق دے لیکھے لائے
|
31 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 4 |
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
|
Soori saD’u kary, ubhi aashiqan’e khy,
Jy athai sadh’a sikaN’a men, to ka’o m’a per’u pary,
Sissi dhar’a dhary, puchhej, poe pereeta’No.
|
सूरीअ सॾु करे। उभी आशिक़नि खे।
जे अथई सध सिकण में। तो कऔ म। पेरु परे।
सिसी धार धरे। पुछिज। पोइ पिरीतणू॥
|
عاشقن لاءِ سوري سينگاريل آهي ۽ سچن عاشقن کي پيئي سڏي چوي، اي عاشق (صادق) جيڪڏهن توکي (محبت جي مئي جي) سُرڪ چکڻ جي خواهش آهي تہ پوءِ هڪڙو قدم بہ پٺتي نہ هٽ. (بلڪ اڳتي سوريءَ ڏانھن هلندو رھ). (عشق جي تقاضا آهي تہ) تون پھريائين سر ڪاٽي ڌار ڪر ۽ پوءِ عشق جي واٽ جي پڇا ڪر. (هر قسم جي سختين برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پوءِ عشق جي اڱڻ ۾ داخل ٿيءُ).
|
The gallows entices those ardent lovers who are eager to make sacrifices. If you genuinely profess love, do not recoil from it. Prior to even considering love, you must be prepared to willingly offer your own life.
|
جن کے من میں پریت ہے ان کو، سولی نے ہے بلایا
پیچھے قدم ہٹا نہ عاشق! گر ہے عشق کا دعویٰ،
کاٹ کے سر تو لے آ، پھر کر باتیں پیار کی
|
کھڑی کھڑوتی عاشقاں نوں، پئی سُولی سد کرے
جے تھئی نینہہ دی اگ تاں، وت کائی پیر ناہیں پرتے
پاسے سر کر کے، فیر پریت نوں پُچھیں۔
|
32 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 5 |
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
|
Soori aah sengaar’u, aGaheen aashiqan’e jo,
MuRa’Nu motaN’u mehNo, thia nizare nirwar,
Kusa’Na jo qarar’u, asul’u aashiqan’e khy.
|
सूरी आहि सींगारु। अॻहें आशिक़नि जो।
मुड़णु मोटणु मेहणो। थिया निज़ारे निरवारु।
कुसण जो क़रारु। असिलि आशिक़न खे॥
|
سوري اصل کان عاشقن واسطي سينگار (زيور يا زينت جو سامان) آهي (اها انهن کي سونھي ٿي). عبداللطيف چوي ٿو تہ سچا عاشق ٿورو بہ نہ هٻڪيا (هيڏانھن هوڏانھن بہ نہ ڏٺائون) بلڪ سڌو اچي سوريءَ جي نيزن سامهون پاڻ کي حوالي ڪيائون. دراصل عاشقن جو سر ڏيڻ وارو وچن ۽ وعدو پوريءَ ريت پڪو پختو آهي.
[مثنويءَ ۾ پڻ سوريءَ کي عشق جو معراج ڪوٺيو ويو آهي:
دار قتل ما براق رحلتست،
دار ملک تو غرور و غفلتست.
(دفتر پنجم ب 4134)
معنيٰ: اسان کي قتل ڪرڻ واري سوري اسان جي لاءِ برق رفتار گهوڙو آهي. پر تنھنجو شاهي تخت تو لاءِ غفلت ۽ غرور جو سامان آهي.]
|
The gallows, throughout history, has served as a symbolic adornment for passionate individuals. It stands prominently as a site of sacrifice, and for them, deviating or retreating from it would be seen as a dishonor. In fact, they had made a solemn agreement from the very beginning of existence to offer up their lives.
|
سولی روزِ ازل سے، عاشق کا سنگھار
لوٹ کے آنا طعنہ جانیں، سولی پر دیدار،
مرنے کا اقرار۔ ان کا روز ازل سے ہے۔
|
سولی ھے سنگھار تنہاں دا، عاشق صادق جوئی
پچھے ہٹن میہنا سمجھن، جاناں وارن سوئی
کیتا قول شہادت ازلوں، پورا کردے سورے
|
33 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 6 |
سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.
|
Soori sengary, asul’e aashiqan’e khy,
LuDiya keen’a Lateef’u cha’e, thiya nezy nezary,
Kothi’o kinary, AaNyo, chaRhy unn’e khy.
|
सूरी सींगारे। असिलि आशिक़नि खे।
लुॾिया किन। लतीफ़ु चे। थिया नेज़े निज़ारे।
कोठियो किनारे। आणियो चाढ़े उन खे॥
|
اصل کان سوري عاشقن جو سينگار ۽ سونھن آهي. عبداللطيف چوي ٿو تہ اهڙا عاشق سوريءَ تي چڙهڻ کان ذرو بہ نٿا ڪيٻائين (هرگز پريشان نٿا ٿين) ۽ سڌو اچي پاڻ کي تکن ۽ تيز ڀالن جي حوالي ڪن ٿا. دراصل اها سوري هنن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي اچي نيزن ۽ ڀالن جي هنج ۾ وجهي ٿي.
|
In truth, the gallows serves as an embellishment for lovers. As Latif says, these passionate individuals would never falter but willingly present themselves before the spears affixed to the gallows for self-immolation. They are summoned to its vicinity and immolated upon its spear.
|
سولی روزِ ازل سے، عاشق کا سنگھار
پاؤں کبھی نہ ان کے لرزے، دیکھ کے بھالے دار،
آن چڑھائے یار! پریت انہیں سولی پر۔
|
سولی ھے سنگھار تنہاں دا، عاشق جو سچیارے
کہے لطیف اوہ سولاں اُتے، ٹنگے لین ہلارے
جیویں کسائی ماس اونہاں دا، کُنڈی تے ٹنگ رکھن
|
34 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 7 |
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
|
Soori’a jy sa’u waar’a, DehaRiyo chang’e chaRheen,
Jim’a werchi chhaDeen, sikaN’a ji pachaar’a,
Pirt’e na paseen paar’a, neehun jiyaaeen ninGio.
|
सूरीअ जे सऔ वार। ॾेहाड़ियो चंगि चढ़ीन।
जिम विरिजी छॾियें। सिकण जी पचार।
प्रति न पसीं पार। नींहुं जिआईं नङिओ॥
|
اي عاشق (طالب)، ڀلي توکي ڏينھن ۾ هڪ سو ڀيرا سوريءَ جي (نوڪدار) ڀالن تي چڙهڻو پوي، پر (ياد رک)، متان بيزار ٿي همت هاري ويھين ۽ سڄڻ جي سڪ کي ترڪ ڪرين. (اميد رک) تون ضرور اهو سڄڻ جو ماڳ ڏسندين جتان عشق (جو اهو سج) اڀريو آهي.
|
Oh, lover! Even if you were to be placed upon the spears of the gallows and immolated a hundredfold each day, ensure that your longing for the beloved never wavers. Once love is ignited, it should be boundless, transcending all restrictions.
|
عاشق سولی پہ چڑھتے ہیں، دِن میں سو سو بار،
پریت کی ریت کو بھول نہ جانا، دیکھ کر نیزے دار،
تو دیکھ نہ پایا یار، پریت جہاں سے پھوٹی ہے۔
|
سُولی تے سَے وار، دیہاڑی وچ توں نوک چڑھیں
متاں تھی بیزار، پریت دی ریت نوں ای چھڈیں
نہ انت محبت ویکھیں، جتھاں ہے نِسردا نینہ
|
35 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 8 |
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
|
Soori’a mathy sairN’a, kahRe lekhy sanera?
Jela’h laGa nerN’a, ta sooriyai sej’a thi.
|
सूरीअ मथे सेण। किहड़ी लेखे सनरा।
जेलंह लॻा नेण। ते सूरियाई सेज थी॥
|
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي (اها ڳالهہ سمجهہ کان ٻاهر آهي) تہ عاشق سوريءَ تي چڙهڻ ويل بہ خوش پيا ڏسڻ ۾ اچن ۽ ٽڙن! درحقيقت اهي عاشق جن جون اکيون يار جي ديدار ۾ محو آهن، تن لاءِ سوري بہ سيڄ پلنگ (ڇپر کٽ) وانگر آهي.
|
What accounts for the lovers' fervent desire to be immolated on the gallows? This can be understood by the fact that from the moment they laid eyes on the beloved and experienced the mutual gaze, the gallows transforms into a bridal bed for them.
|
سولی پہ یوں سجنا، کیوں کر ہیں مسرور
جب سے لاگے نیناں، تب سے سولی سیج ہے۔
|
کیہڑے کھاتے سُولی اتے عاشق ہن مسکائے
جسراں نین اٹکائے، اسراں دار دی سیج تھیا۔
|
36 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 9 |
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
|
Soori’a chaRahN’u, seJ’a pasaN’u, ee’u kam’u aashiqan’e,
Pahoon keen’a pasan’e, sa’oo halan’e saamuha.
|
सूरीअ चढ़णु। सेॼ पसणु। ईउ कमु आशिक़नि।
पाहूं कीन पसनि। साऊ हलनि सामुहां॥
|
سوريءَ تي چڙهڻ ۽ ان کي سيڄ (وڌ ۾ وڌ خوشيءَ جو موقعو) سمجهڻ، اهو ڪم سچن عاشقن جو ئي آهي. اهڙا سچا ۽ کرا عاشق (ڇا بہ هجي) هڪ قدم بہ پوئتي نٿا هٽن، بلڪ سنئون سڌو سوريءَ جو رخ رکن ٿا.
|
Ascending the gallows and reclining on the bridal bed is the duty of lovers. They do not dwell in the past but steadfastly stride forward.
|
سیج سمجھ کر سولی چڑھنا، یہ عشاق کا کام،
رُکیں نہ وہ اک گام، آئیں مقابل سولی کے۔
|
عاشق جانن سولی سیجاں، خوشی جاندے چڑھ کے
سدھے جاون، خوف نا کھاون ویکھن نا اوہ مُڑکے
|
37 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 10 |
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
|
Pahreen katee paa’e, pucchj poe preetaNo,
Dukh’a priyaan jo Dail’a men, waJat’a jee’a waJa’e,
Seekhun’e maah’u pacha’e, jy nalo GeeR’u’e neehan jo.
|
पिहरीं काती पाइ। पुछिजि पोइ पिरीतणू।
ॾुखु प्रयां जो ॾील में। वाॼट जीअं वॼाइ।
सीख़ुनि माहु पचाइ। जे नालो ॻीअड़ुइ नींहं जो॥
|
(اي عشق الاهيءَ جا طالب) پھريائين پاڻ کي ڪاتيءَ وجهڻ لاءِ تيار ڪر (ڪسجڻ جهڙو ٿيءُ)، تنھن کان پوءِ عشق جو نالو وٺ. تون پنھنجي تن بدن کي دلبر جي درد سھڻ لاءِ ائين تيار ڪر، جيئن ڪو ساز وڄندو آهي (تون سراپا سوز ۽ ساز ٿي پئو). عشق جي نالي وٺڻ (محبت جي ميدان ۾ داخل ٿيڻ) جو مطلب آهي تہ تون پنھنجي بدن جو ماس سيخن ۾ وجهي. ٽانڊن تي پچاءِ! (اهو ڪم ايڏو عذاب ۽ ايذائن سھڻ جي برابر آهي).
|
Begin by surrendering yourself entirely, annihilating the self, and only then contemplate love. Your entire being should resonate harmoniously, akin to a musical instrument, due to the anguish of being separated from God. If you profess to be a lover and immerse yourself in thoughts of love, be prepared to offer your flesh as a sacrifice, willingly enduring the burning pain of iron rods.
|
پہلے گھونپ لے خنجر، پھر کر بات پریت کی،
درد سجن کا صورت نغمہ، گونجے دل کے اندر،
انگاروں میں پک کر، پھر لے عشق کا نام۔
|
وار چھری دا جھلیں سِر تے فِر توں عشق سہیڑیں
رگ رگ وچوں درد غماں دا ساز محبت چھیڑیں
بنیں کباب سیخ دے اُتے جے نام عشق دا لینا
|
38 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 11 |
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
|
Katee’a konhy Doh’u, Gan’u wadhendaR’a hath’a men,
Pas’o par’e ajeeb’a ji, lacheo wanJi loh’u,
Aashiqan’e andoh’u, sada mashooqan’e jo.
|
कातीअ कोनिहे ॾोहु।ॻनु वढीन्दड़ हथ में।
पसियो परि अजीब जी। लिचियो वञो लोहु।
आशिक़नि अन्दोहु। सदा माशूक़नि जो॥
|
(اي عاشق، هيءُ ڳالهہ سمجهہ). ڪاتيءَ جو ڪوبہ ڏوھ ڪونهي، ڇو تہ ڪاتيءَ جو مُٺيو هلائيندڙ جي هٿ آهي (ڪاتيءَ جي باري ۾ شڪايت اجائي آهي، اها پاڻ بي جان آهي). اهوئي سبب آهي، جو محبوب جي روش (ارادو) ڏسي ڪاتي پڻ ڪنڌ تان تِرڪي ٿي وڃي (جيئن حضرت اسماعيل سان ٿيو). ليڪن ياد رک سچا عاشق سدائين محبوبن جي رضا (راضي رکڻ) خاطر فڪرمند ۽ ڳڻتيءَ ۾ هوندا آهن.
|
The responsibility lies not with the knife itself, but with the hands of the one who wields it—their will is what truly matters. The knife merely carries out its task in accordance with the desires of the beloved. In truth, the lover is constantly preoccupied with ensuring the beloved's pleasure above all else.
|
تیغ پہ کیا الزام، وہ ہے سجن کے ہاتھ میں،
سیکھ ادائیں محبوبوں کی، لرزے تیغ تمام،
دکھ ہی دکھ ہر گام، عاشق کو ہے پریتم کا۔
|
قبضے تے ہتھ ہور کسے دا، چھُری دوش نا کائی
پئی نظر جاں سہنے اُتے، اوہ گیا لرزائی
تڑفن لُچھن سدا پریمی، مِتر دا غم کھاندا
|
39 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 12 |
ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.
|
Katee tikhee ma the’ay, mar’u muniya’ee ho’e,
Maan’a warman’e to’e, moon priyaan ja hath’Ra.
|
काती तिखी म थिए। मरु मुनियाई होइ।
मान विर्मनि तोइ। मूं प्रयां जा हथड़ा॥
|
(عاشق جي تمنا) شل محبوب جي هٿ واري ڪاتي تيز ۽ تکي نہ وهي ۽ ڀلي تہ مڏي ئي هجي. انهيءَ ڪري تہ جيئن منھنجي محبوب جا هٿ ڪھڻ ۾ گهڻو وقت وٺن ۽ مون کي لڳندا رهن.
|
It is my desire that the knife remains dull! I implore that its edge be blunt. In doing so, the hands of my beloved will have prolonged contact with me.
|
دستِ یار میں خنجر ہے وہ، تیز نہ ہونے پائے،
ہاتھ ذرا رُک جائے، یار کا پل بھر تن پہ۔
|
کُھنڈھی رہویں اے چھریے، تیز ہوویں توں مت
تاں جے یار دے ہتھ، تیرے قبضے تے دیر مکن۔
|
40 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 13 |
ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.
|
Katee ja qareeb’a ji, sa haD’a cheery chamm’u,
Aashiqan’e pahejo anG’u, lillah’e kareN’e wadheo.
|
काती जा क़रीब जी। सा हॾ चीरे चमु।
आशिक़न पंहिंजो अङु। लिल्लाहि कारणि वढियो॥
| null |
At most, the knife of the beloved may cut the skin and bones. Conversely, the lovers have devoted their lives as offerings in sacrifice for the sake of Allah.
|
دستِ یار کے خنجر سے، کٹ کٹ جائے چام،
لے کے یار کا نام، عاشق انگ کٹائیں۔
|
ہڈ چم وڈھے نال چھری دے، جانی سجن میرے
انگ عاشقاں رب دی راہیں، کیتے بیرے بیرے
|
41 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 14 |
جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪَري.
|
Jy to sikaN’u sikh’o, ta kaatee’a paye ma kenjh’u,
Supeeriyan jy soor’a jo, maRhun Dijy na manjh’u,
Andar’e ee’u ahanj’u, saandhuN’u sukhaoon kary.
|
जे तो सिकणु सिखियो। त कातीअ पए म कंझु।
सुपेरियां जे सूर जो। माढ़ुन ॾिजे न मंझु।
अन्दरि ईउ अहंजु। सान्ढिजि सुखाऊं करे॥
|
جيڪڏهن تو عشق جو طريقو اختيار ڪيو آهي تہ پوءِ ڪاتيءَ سان ڪسجڻ وقت ڪنھن بہ قسم جون دانھون نہ ڪر. (هلڪو آواز بہ نہ ڪر). ڇاڪاڻ تہ سڄڻن جي ڏنل سور جو راز (ڇا بہ ٿئي) عام ماڻهن کي نہ ٻڌائجي. بلڪ اهي سڀ سور ۽ سختيون وڏيءَ عقيدت وچان سوکڙي سمجهي اندر ۾ سنڀالي رک (انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏج).
|
If you are genuinely a lover, refrain from lamenting when the knife is pressed upon you. Suppress the pain inflicted by the beloved and refrain from sharing it with others. Embrace the agony within yourself, viewing it as a blessing, and commemorate the occasion through offerings and celebration.
|
پریت کی ریت جب سیکھی تو پھر، خنجر سے کیا ڈرنا،
پریتم نے جو درد دیا ہے، عام اسے مت کرنا
ہنس ہنس راز میں رکھنا، درد کی اس دولت کو۔
|
راہ عشق دا دھار کُھڈے دی دیکھیں ڈرنا جاویں
درد سجن دی دھوں نا کڈھیں، لوکاں کنوں چھپائیں
دولت غم دی وچ رکھیں، نظر کریں جد آوے
|
42 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 15 |
وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
|
Jaan wadheen taan weh’u, na ta wathe’o waat’a waa’on toon,
Hee’u taneen jo Deh’u, katee Janeen hath’a men.
|
जां वढीं तां वेहु। न त वठियो वाट वांउ तूं।
हीउ तनीं जो ॾेहु। काती जनीं हथ में॥
|
(اي طالب) جيڪڏهن تون (عشق ۾) گهائجي (فنا ٿي) چڪو آهين تہ پوءِ ڀلي اتي (محبوبن وٽ) ويھ. پر جيڪڏهن تون اڃان اڻ وڍيل آهين تہ پوءِ پنھنجو رستو پڪڙ. توکي خبر هجڻ کپي تہ هيءُ اهڙو هنڌ آهي، جتي محبوبن وٽ عاشقن کي ڪهڻ لاءِ هٿ ۾ هردم ڪاتي آهي.
[عاشق جو محبوب جي هٿان ڪسجڻ جو تصور مثنويءَ ۾ اڪثر ملي ٿو. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
جز بدست خود مبرم پاوسر،
که ازين دستم نہ از دست دگر.
(دفتر چهارم، ب- 316)
معنيٰ: اي محبوب، منھنجا پير ۽ مٿو تون پاڻ ڪاتيءَ سان ڪپجانءِ. ڇو تہ مان تنھنجي هٿن ۾ قتل ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ نہ ڪنھن ٻئي جي هٿن سان!]
|
Oh, lover! Remain steadfast, for it is determined that your beheading awaits, or else choose your own path. This land belongs to those who wield the knife in their hands.
|
کاٹیں گردہ انگ تو آجا، ورنہ راہ لے اپنی،
یہ ہے ان کا دیس کہ جن کے، ہاتھوں میں ہے کٹاری۔
|
پھڑ لے راہ عشق دا جیکر، چاء مرن دا آوے
ہر کسے دے ہتھ وچ ایتھے چھری پئی لہراوے
|
43 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 16 |
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
|
Katee jan’e Garee, maan laoon laGo tan’e seen,
Muhabbat’a jy medaan’a men, wanJaan per’a bhare,
Adee’a sir’u dharee, maan’a kuhanhoon supereen.
|
काती जानि ॻरे। मान लंऊं लॻो तनि सीं।
मूह्बतअ जे मैदान में। वञां पेर भरे।
अॾीअ सिरु धरे। मान कुहनिहूं सुपिरीं॥
|
جنھن محبوب وٽ ڪھڻ لاءِ ڪاتي هميشه تيار آهي، منھنجي محبت بہ ان سان ئي آهي. آءٌ بہ ان ئي محبوب وٽ وڃڻ لاءِ سنڀري ويٺو آهيان. شل (آءٌ اهڙو خوشنصيب ٿيان جو) هو پاڻ منھنجو سر ڪاٺيءَ جي اڏيءَ تي رکي مون کي پاڻ ڪُھن (منھنجي سر ساھ جي قرباني قبول ڪن).
|
I hold affection for the one who grasps the knife. Despite its presence, I persistently journey along the path of love. In fact, I have willingly placed my head upon the slaughtering block, desiring the beloved to carry out the beheading.
|
ایسے پی سے پریت لگی کہ، ہاتھ میں ہے خنجر
اُلفت کے میدان میں آئیں، کیسا خوف و خطر
آگے رکھ دوں سر، شاید کاٹ لے سجن۔
|
ہتھاں دے وچ چُھریاں پھڑیاں، پریت اونہاں سنگ لاواں
عشقے دے میں پِڑ وچ جاکے اگے پیر ٹِکاواں
اڈے اُتے میں سِر رکھاں کوہے پریتم میرا
|
44 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 17 |
اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
|
AGiyaan aDan’e wat’e, poyan’e sir’a sanbhaiya,
Kaat’e ta poe qabool’a men, macchuN’u bhayeen ghatt’e,
Matha muhayan’e ja, piya na Diseen patt’e,
KalaRaki hatt’e, kussaN’a jo kop’u wahe.
|
अॻियां अॾीन वटि। पोयनि सिर संबाहिया।
काटि त पूइ क़बूल में। मछुण भायें घटि।
मथा मुहायनि जा। पिया त ॾिसीं पटि?
कलाड़के हटि। कुसण जो कोपु वहे॥
|
(محبوب وٽ عاشق سِر تريءَ تي رکي آيا آهن) قطار ۾ اڳيان بيٺل عاشق قربان ٿيڻ لاءِ اڏين جي ويجهو اچي پھتا آهن تہ پويان بيٺل تياري پيا ڪن. اي سچا عاشق، هڪ دفعو تون پنھنجو سر وڍي ڏيکار تہ قبول پوي، متان ان ۾ ڪا گهٽتائي ڪرين. تون پنھنجي سامهون هيٺ پٽ تي پيل وڏن عاشقن جا وڍيل سر ڇو نٿو ڏسين؟ (اهو ئي تہ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي، جيڪو نصيب وارن کي ملي ٿو). ياد رک، محبت جي ميخاني ۾ (مرشد وٽ) اهو سر وڍڻ ۽ ڏيڻ جو ئي دستور آهي.
|
Those at the forefront are prepared at the executioner's block, while those behind them remain poised. Present your head willingly and promptly, so that it may be accepted, lest you risk being undervalued. Do not contemplate a lesser sacrifice. Have you not witnessed the severed heads of those who came before, lying on the ground? In this metaphorical liquor shop, you are offered a cup of wine in exchange for your head.
|
کچھ تو مقتل میں جا پہنچے، باقیوں کی ہے قطار،
تجھ کو قبول کریں گے ہو جا، مرنے کو تیار،
کیا تو دیکھ نہ پایا ان کے، سروں کے ہیں انبار،
سروں کا کاروبار، دیکھ کلال کے ہاٹ پہ ہے۔
|
عاشق ودھ گئے جیہڑے اگے، سر اڈے دھریائی
سیس قبولے گئے اونہاں دے، گھاٹ رہی نا کائی
سِر اونہاں دے وچ مدا نے دیں پئے دکھلائی
کھڈے مردے نِت ای رہندے، ٹھیکے اندر جاکے
|
45 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 18 |
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
|
Jy athai sikk’a surk’a ji, ta waoon kalaRan’e kaatee,
Lahy rakh’u Lateef’u chaye, matho watt’e maatee,
Tik’a De’ee pik’a pee’u toon, ghot’a manjhaan ghatee,
Jo warenh’a wehaatee so sir’a watt’e saro sahango.
|
जे अथी सिक सु्र्क जी। त वंउ कलाड़नि काटी।
लाहे रखु लतीफ़ु चे। मथो वटि माटी।
तिक ॾेई पिक पीउ तूं। घोट मंझां घाटी।
जो वरिनह विहाटी। सो सिर वटि सरो साहंगो॥
|
(اي عاشق) جيڪڏهن توکي واقعي (اصلي) شراب جي تمنا آهي تہ پوءِ ميخاني ۾ ان هنڌ پھچي وڃ ۽ اتي تون پهريائين پنھنجو سر ڪاٽي شراب جي مٽ وٽ (عيوض طور) رک. ان کان پوءِ تون ڀلي گهاٽي شراب منجهان ڍڪن مٿان ڍڪ ڀريندو آخري قطري تائين ڳيتون ڏيئي پيئندو وڃ. اهڙو شراب جيڪو نوجوانن کي بہ نشي ۾ مدهوش ڪري ڇڏي ٿو، سو سر جي بدلي ۾ ملي تہ ڄڻ سستو آهي.
[مثنويءَ ۾ اهو نظارو هن ريت چٽيل آهي:
ما اگر قلاش و گر ديوانہ ايم،
مست آن ساقي و اَن پيمانہ ايم.
بر خط و فرمان او سرمي نهيم،
جان شيرين را گروگان مي دهيم.
(دفتر دوم، ب- 2571 ۽ 72)
معنيٰ: اسين ڀلي مفلس آهيون يا بنھ پاڳل آهيون، پر انهيءَ پيارڻ واري ساقيءَ جا مست آهيون. انهيءَ جي هر حڪم جي فرمانبرداريءَ ۾ سر بہ لاهي حاضر ڪريون ٿا ۽ پنھنجي مٺڙي حياتي بہ گروي رکون ٿا].
|
If the yearning to taste the wine resides within you, venture forth to the liquor shop. As Latif says: "Present your head as a sacrificial offering beside the vessel of liquor. Imbibe deeply from the pure wine, O groom! Should you receive the intoxicating elixir, capable of even inebriating seasoned individuals, in exchange for your head, trust me; it would indeed be a favorable transaction."
|
مے پینا گر چاہے تو پھر، پاس کلال کے جا،
مے کے خُم کے پاس تو جاکر، کاسہ سر کو جھکا،
ایک ہی سانس میں گاڑھی مے کے، جام پہ جام چڑھا،
شہزوروں کے ہوش گنوائے، یہ ہے وہ مدرا،
بھاؤ بڑا سستا، سر دے کر گر مے مل جائے۔
|
جے تھئی سدھر جام دی تے پیر دے جا خمخانے
مٹ اگے رکھ سِر نوں لاہ کے، لطیف پیا آکھے
تھوڑی مے چوں سُرکی بھر لے پہلوانا جا کے
جوانا سُرت گواچے، ایسی بدلے سر دے سستی
|
46 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 19 |
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
|
Jy athai sadh’a surk’a ji, ta waoon kalaRan’e hatt’e,
Lahy rakh’u Lateef’u chaye, matho matee’a watt’e,
Sir’u De’ee ma satt’e, piyaj ky piyaliyoon.
|
जे अथई सधअ सुर्क जी। त वंउ कलाड़के हटि।
लाहे रखु। लतीफ़ चे। मथो माटीअ वटि।
सिरु ॾेई में सटि। पीजि के पियालियूं॥
|
(اي عاشق!) جيڪڏهن توکي واقعي شراب پيئڻ جو شوق آهي تہ پوءِ اهڙي ميخاني ۾ گهڙي وڃ. عبداللطيف چوي ٿو تہ اتي اندر گهڙڻ سان پنھنجو سر ڪاٽي شراب جي مٽ ڀرسان رک. مطلب تہ تون پنھنجي سر جو سؤدو ڪري پوءِ ڀلي جام مٿان جام پيئندو وڃ.
[مثنويءَ ۾ اهڙي خاص شراب ڏانھن هن ريت اشارو ڪيو ويو آهي:
عاشقان را باده خون دل بود،
چشمشان بر راه و بر منزل بود.
(دفتر پنجم، ب-3485)
معنيٰ: عاشقن جو شراب تہ سندن دل جو رت آهي، اهي هر وقت محبوب جي راھ ۾ اکيون وجهي ويھن ٿا.]
|
If your desire to indulge in wine is strong, seek out the wine shop. Latif says: "Proceed to detach your head and position it near the jar of wine. Trade it for the pleasure of wine and relish numerous cupfuls to your heart's content."
|
جا کلال کے ہاٹ پہ ہے، مے کی خواہش گر،
کہے لطیف کہ سر کو کاٹ کے، مٹکے پاس تو دھر،
سر کا سودا کر، جام پہ جام تو پی کے۔
|
جے گُھٹ پینی ھے تاں مُلاں جا کلال دی ہٹی
سر دا کاسہ لے کے جاویں، رکھیں اگے مَٹِی
پیویں بھر بھر کاسے سید، کرکے سودا سِر دا
|
47 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 20 |
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
|
Jy athai sadh’a surk’a ji, ta waoon kalaRakee koo’e,
Mahesar’a jy madh ji, hut’e haDaheen hoo’e,
Jaan ramz’a parooRiyam roo’e, taan sir’a wat’e surky saGuNe.
|
जे अथई सध सुर्क जी। त वंउ कलाड़के कूइ।
महेसर जे मध जी। हुति हॾिहीं हूइ।
जां रम्ज़ परूड़ियम रूइ। तां सिर वटि सुर्की सॻुणी॥
|
(اي عاشق) جيڪڏهن توکي (محبوب جي هٿان) شراب پيئڻ جو شوق آهي تہ پوءِ ان جي ميخاني واري ڳليءَ ۾ وڃ، هتي هميشه کان هن پيرِ مغان (ميخاني جي مالڪ) جي وڏي هاڪ پيئي ٻڌجي. مون جڏهن ان راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ معلوم ٿيو تہ اتي سر ڏيندي هڪ سرڪ جو ملڻ بہ نصيب وارن لاءِ آهي.
|
If your genuine interest lies in this wine, then embark upon the path to its vendor. You will consistently encounter a bustling crowd, indicating a high demand for this unique wine, endorsed by the beloved. Personally, when I comprehended the significance of its essence, I immediately presented my head, aspiring to savor a blessed sip of the divine elixir.
|
گر ہے مے کی خواہش تو پھر، کوچہ کلال میں جا،
مہیسر، کی مے کا ہر دم، وہاں ہے شور برپا،
رمز میں یہ سمجھا، کہ سر کے بدلے مے سستی ہے۔
|
جے گُھٹ پینی چاھیں مُلاں، گلی کلالاں جائیں
ہوکا دیندے "مدھ مہیسر" مِلدی ہی ایتھائیں
سِر دتیاں وی سستا سودا، بُجھی رمز پیچیدہ
|
48 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 21 |
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
|
Jy athai sadh’a surk’a ji, ta waoon kalaRakee Gar’e
WadheN’u, cheerN’u, chichiriN’u, pahat’e uniyen ji par’e,
Jy watee puwee’e war’e, ta sahangi aah’e Sayyed chaye.
|
जे अथई सिक सुर्क जी। त वंउ कलाड़के ॻरि।
वढणु। चीरणु। पहति उनीन जी परि।
जे वटी पूएई वरि। त सहंगी आहि। सय्यदु चे॥
|
جيڪڏهن توکي عشق جي سُرڪي جي طلب آهي تہ پوءِ ميخاني جو رخ ڪر. انهن ميخاني وارن جو دستور واقعي وڍڻ، چيرڻ ۽ چچرڻ (عاشقن جي سخت ترين آزمائش هجڻ) آهي (اهي توسان اها ئي ڪار ڪندا). ليڪن عبداللطيف چوي ٿو تہ انهيءَ ايڏي آزمائش جي هوندي جيڪڏهن هو توکي هڪڙو جام ڀري پيارين تہ اهو (سودي ۾) سستو آهي (گويا تو کٽيو).
|
If you yearn for a taste of wine, visit the abode of its maker. His customary approach to negotiation involves tearing body of the drinker into pieces. Syed says: "That even in the face of such circumstances, if you manage to obtain a single cup of wine, regard it as a remarkably inexpensive deal."
|
گر ہے مے کی خواہش تو پھر، گھر کلال کے جا،
کاٹیں تیرا انگ انگ تو، مے کی ریت نبھا،
سودا ہے سستا۔ گر جام ملے جاں دے کر۔
|
جے گُھٹ پینی چاھیں مُلاں، گھریں کلالیں جائیں
وڈھن چیرن مِدھن سدا، ھے دستور اتھائیں
اک کٹورا جے مِل جاوے، سید سستا جانیں
|
49 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 22 |
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
|
Sir'a watt'e saro sahango, watheen chho na wari,
Qadr kaif'a kalal'a ji, khabar'a ee'a khari
surki jann'e sari, tan'e joon bathan'e paas buthiyoon.
|
सिर वटि सर्व साहनगो। वठीं छो नह वरी
क़दुर क़ीफ़ कमाल जी। ख़बर ीअ खरी
सुरकी जिनि सरे। तिनि जूं बठनि पास बुठयूं॥
|
جيڪڏهن سر ڏيڻ سان هڪ سرڪي ملي پوي تہ اها وڌيڪ ملهہ واري آهي، تون واپس ٿي اها ڇو نٿو وٺين (دل ڇو ٿو هڻين تہ اهو سودو مھانگو آهي). اها سرڪي تہ (الاهي نشي لاءِ) وڏي سرور واري ۽ خاص الخاص آهي. جن بہ ميخوارن کي اها سرڪي نصيب ٿي آهي، تن سڀني جون قبرون (هميشه رهڻ جا ٿاڪ) بہ اتي ئي آهن.
|
If you have access to wine that is readily available and affordable, why not partake in it? Only those who have taken and experienced it firsthand understand the true essence of love and serenity. Keep in mind that the resting places of those who have even tasted a few sips can be found near the breweries.
| null | null |
50 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 23 |
بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ،
رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.
|
bathan'e hethaan baah'e, machhurNu aaG'e ujhayein,
Rup kanda raah'e, kunwar'a kalaRien aya.
|
बठनि हेठां बाहि। मछुण आॻ उजहाइययं।
रुपो कंदा राह। कऊउनर कलाड़ीं आया॥
|
اي شراب تيار ڪرڻ وارا، کوريءَ هيٺان ٻرندڙ باھ کي متان وسائين، پيئڻ وارا بيباڪ نوجوان انهيءَ هنڌ ڄاڻ پھچڻ وارا آهن، هو شراب پيارڻ عيوض توکي (چانديءَ جا) ڪلدار رپيا ڏئي دڳ لائي ڇڏيندا.
|
Never let the fire of the winery be extinguished, for there are princes on their way who will willingly spend their riches for a mere few sips.
| null | null |
51 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 24 |
ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
|
NaRy nah’e kakoh, keen, mulh mahingo mandh’u,
Sanbahij Sayyed chaye, kataB’a kareN’u kandh’u,
Hee’u taneen jo handh’u matan’e paas’e maran’e jy.
|
नाणे नाहि ककूह। मुलिह् मंहंगो मन्धु।
संबाहिज। सय्यदु चे। काटण कारणि कन्धु।
हीउ तनीं जो हन्धु। मटनि पासि मरनि जे॥
|
اهو شراب (محبوب جو جلوو) پئسن جي عيوض ڪونہ ٿو ملي، بلڪہ اهو ملهہ تي ملڻ وارو آهي ئي ڪونہ! عبداللطيف چوي ٿو تہ ان (جي سُرڪي) لاءِ تون پنھنجو سر ڪنڌ وٽان وڍي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويھ. هي محبوب جي ميخاني وارو ماڳ انهن (سچن عاشقن) لاءِ آهي، جيڪي اهڙي شراب سان ڀريل مٽڪن وٽ مرڻ (سر قربان ڪرڻ) لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا.
[مثنويءَ ۾ اهڙي شراب طرف هڪ هنڌ هن ريت اشارو ملي ٿو:
مستي که آيد ز بوئي شاه فرد،
صد خم مي در سرو مغز آن نکرد.
(دفتر سوم، ب- 673)
معنيٰ: اها مستي جيڪا بيپرواھ ۽ يڪتا محبوب جي خوشبوءِ مان حاصل ٿئي ٿي، سا شراب جي سو مٽڪن منجهان بہ مٿي ۽ ميڄالي ۾ ڪانہ ٿي پھچي.
ٻئي هنڌ رومي اها وضاحت ڪري ٿو تہ شيخ يعني مرشد جو وجود خود جام شراب آهي.
جام مي هستي شيخ است اي فليو،
کاند رو اندر نگنجد، بول ديو.
(دفتر دوم، ب- 3409)
معنيٰ: اي بيوقوف (بد دماغ) شراب جو جام شيخ جو وجود اٿئي، جنھن ۾ اندر شيطان ڪا پليتي داخل ڪري نٿو سگهي.]
|
The wine is not attainable through monetary exchange, nor it is a cheap thing, surpassing what anyone can afford. Syed says: "Prepare yourself to sacrifice your head. This realm is reserved for those who surrender their lives in the vicinity of the wine jars."
|
مے کا کوئی مول نہیں ہے، مول ملے کب مدرا،
کہے لطیف سر کے کٹوانے کو، سر کو سجا کر لا،
یہ مقام ہے انکا جو مدھ شالا میں مرتے ہیں۔
|
شراب انمُلی ایہدا کوئی، مُل نا پایا جائے
تیار رہیں سِر وڈھن آونا، سید ایہو الائے
ایہہ مقام اونہاں نوں مِلدا مردے جو مٹ کول
|
52 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 25 |
مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي، جَي تُون ٽارِين ٽُوھُ،
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
|
Ma kar’e sadh’a sar’e ji, jy toon tar’een tooh’u,
Peety jahen pasy theay, manjhaan, raGun’e rooh’u,
Katy chakh’u kakooh’u, lahy sir’u Lateef’u chaye.
|
म करि सध सरे जी। जे तूं टारियें टूहु।
पीते जंहिं पासे थिए। मंझां रॻुन रूहु।
काटे चखु ककूहु। लाहे सिरु लतीफ़ु चे॥
|
تون ان اصلي شراب جي ڪيئن ٿو خواهش ڪرين، جيڪڏهن تون اڃان تائين ٽُوھ (زهر جھڙي ڪوڙي ڦل) کان بہ پري پيو ڀڄين، جنھن جي پيئڻ سان پڻ رڳن مان ساھ نڪريو وڃي. انهيءَ ڪري عبداللطيف ٿو چوي تہ تون پھرين پنھنجو سر (نفساني خواهشن جو مٿو) وڍي ڏي پوءِ ڀلي اهو رنگين (معرفت وارو) شراب چکڻ جي تمنا ڪر.
|
If you are unable to endure a small bitter fruit like colocynth, do not yearn for the wine. Consuming it causes life to become dormant within the nervous system. Latif says: "Offer your head as a sacrifice, and only then indulge in tasting the wine."
|
کڑوی مے گر پی نہ پائے، مت لے مے کا نام،
جان رگوں سے کھینچے یہ مے، لرزاں جسم تمام،
چکھ لے کڑوا جام، سر دے کر تو پی لے گھونٹ۔
|
تمے توں جے نفرت تینوں مدرا مونہہ نا لائیں
زہر پیالہ پی کے بی با، نا توں جان گوائیں
سواد مد دا مانی پچھوں، پہلاں سیس اُتاریں
|
53 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 26 |
سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
|
SadhRiya sarry joon, kuh’u pacharoon kann’e,
Juh’u kaat’a kalaRen’e kadhe’aa, ta mote’o poe wanJann’e,
Pekoon sy piyan’e, sirr’a Janeen ja satt men.
|
सधड़िया सरे जूं। कुहु पचारूं कन्नि?
जुह् कात कलाड़नि कढिया। त मोटियो पोइ वञनि।
पिकूं से पीअनि। सिर जनीं जा सटि में॥
|
اهي ظاهري خواهش رکندڙ، اصلي شراب جون ڳالهيون اجايون ڇو ٿا ڪن، ڇو تہ جڏهن ميخاني جو مالڪ (پير مغان) ڪھڻ جا ڪات ڪڍي سڌا ڪري ٿو تہ هي فقط اهي ڏسڻ سان ئي ڊڄي پوئتي پير ڪن ٿا. شراب جي آخري سُرڪي بہ انهن کي ئي نصيب ٿئي ٿي جيڪي پنھنجا سر محبت جي سودي ۾ ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا.
|
Why do the false lovers inquire about this wine? They become frightened upon seeing the wine producers daggers and withdraw. Only those who trade their heads in exchange shall take of the wine.
|
جو بس خواہش کرنا جانیں، لیں کیوں مے کا نام،
جُوں ہی کلال نے تیغ نکالی، لرزاں جسم تمام،
وہی چڑھائیں جام، جو سر کا سودا کر پائیں۔
|
پھوکی خاہش والے کاہنوں گل شراب دی کردے
کڈھیا چُھرا جدوں کلالاں بھج جاون اوہ ڈردے
چڑھی خماری اوہناں نوں جن بازی سر دی لائی
|
54 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 27 |
سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.
|
Sirr’u juda, dhaR’a dhaar’a, doG’a Janeen ja deG men,
Sy maruken pachaar’a, hakiya jann’e jy hath’a men.
|
सिरु जुदा। धड़ु धार। दोॻु जनीं जा देॻ में।
से मरु कनि पचार। हकिया जनि जे हथ में॥
|
اهڙا عاشق جيڪي محبت ۾ وڍيل آهن، ايتري قدر جو سندن سر باقي جسم کان جدا پيا آهن ۽ گوشت جا وڏا وڏا ٽڪر ديڳين جي حوالي ٿي چڪا آهن، سي ڀلي جيئن وڻين محبت جي هر هر ڳالهہ ڪن (کين اها ڳالهہ ٺھي ٿي) ڇو تہ هنن پنهنجا سر تريءَ تي رکي (سڄڻ جي آڏو) حاضر ڪيا آهن.
|
Not only are heads separated from bodies, but limbs are also boiled in cauldrons. Those individuals who are constantly prepared to offer the sacrifice of their heads as payment for the fixed price of wine are the ones who can truly contemplate indulging in it.
|
سر جدا ہیں جسم سے اور، دیگ میں جسم تمام،
حق ہے اِن کا جام، سر جو سجا کے لائیں۔
|
سر تے دھڑ دے ہوئے ٹوٹے دیگ ماس چڑھایا
ذکر عشق دا کردے اوہی، سرجہناں تلی ٹِکایا
|
55 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 28 |
ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھي،
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
|
DeGyeen doG’a kaRhan’e, jitt’e kaRyeen kaRko na lahy,
Tety tabeeban’e, chaak’a chikanda chhaDi’aa.
|
देॻें दोॻ कढ़नि। जिति कड़ियें कड़को न लहे।
तिते तबीबनि। चाक चिकन्दा छॾिया॥
|
عاشقن جي جسم جا ٽڪرا باھ تي رکيل ديڳين ۾ پيا گرم ٿين ۽ ڪڻاهيءَ ۾ (باھ جي تَوَ ۽ گرميءَ سبب) ٽڙڪاٽ ۽ آواز پيا ڪن. اهڙيءَ حالت ۾ (ظاهري) طبيبن کين لاعلاج سمجهي ڇڏي ڏنو.
|
As their body parts simmer in cauldrons, not even a single cry escapes their lips. Under such circumstances, the traditional physicians are powerless, leaving the wounds of these individuals untreated and bleeding.
|
انگ اُبلتی دیگ میں ہیں اور، کڑ کڑ کرے کڑھائی
زخموں کی رعنائی، دیکھ کے بھاگے بید۔
|
دیگیں ماس اُبلدا ریہندا، اُتے کڑھائی کھڑکے
بجھا پھٹ نا ویندا کولوں، بہہ متھا پھڑکے
|
56 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 29 |
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
|
Aashiq’a zahr’u piyak’a, weh’u pas’eo, wehsan ghaNo,
KaDe ain Qatel’a ja, hamesha heraak’a,
LaGiyan laoon Lateef’u chaye, fanna ke’aa feraq’a,
ToNy chikan’e chaak’a, ta be aah’a na salen’e aam’a khe.
|
आशिक़ ज़हर पियाक। विहु पसियो विहुसन घणू।
कड़े ऐं क़ातिल जा। हमेशा हेराक।
लॻियनि लंऊं लतीफ़ु चे। फ़ना क्या फ़िराक़।
तोणे चिकनि चाक। त पि आह न सलनि आम खे॥
|
سچا عاشق زهر پيئڻ تي هريل آهن، بلڪہ اهي زهر ڏسي ڏاڍا خوش ٿين ٿا. ڪڙو ۽ قاتل زهر جيڪو پيئڻ سان هڪدم ماريو وجهي، تنھن جي پيئڻ جي کين هميشه کان عادت پيل آهي. عبداللطيف چوي ٿو هنن کي محبت جي اهڙي ميخ لڳل آهي، جو محبوب جي جدائي کين ماري فنا ڪري ڇڏيو آهي. هو ڪيڏي بہ سور ۽ تڪليف ۾ هجن پر پنھنجي درد جي دانھن ڪنھن کي ڪونہ ٿا ٻڌائن.
[مثنويءَ ۾ بہ عاشقن کي زهريلي شراب کي وڌيڪ پسند ڪندي بيان ڪيو ويو آهي.
خوشتر ازين سم نديدم شربتي،
زين مرض خوشتر نباشد صحتي.
(دفتر ششم، ب-4599)
معنيٰ: مون (عشق واري) زهر کان وڌيڪ ذائقي وارو شراب نہ ڏٺو آهي. ائين هن عشق جي بيماريءَ کان وڌيڪ ٻي ڪا صحت ٿي نٿي سگهي.]
|
The lovers are habitual of consuming poison. Therefore, when they encounter poison, they rejoice. They are perpetually accustomed to the bitter and lethal wine. Latif says: "They have surrendered to love, and separation from their Beloved has utterly consumed them. Despite their actual wounds, they would never divulge their pain to anyone."
|
عاشق عادی زہر کے ہیں اور، زہر سے ہیں مسرور،
کڑوا قاتل زہر جو دیکھیں، مستی میں ہوں چُور،
کہے لطیف کہ عشق یار میں، مٹتے ہیں وہ ضرور،
زخموں سے ہیں چُور، کبھی نہ زخم دکھائیں۔
|
عاشق زہر پیاک، زہر نوں ویکھ بڑا خوش تھیندے
کوڑے تے قاتل دے، اوہو اگے ای عادی ہوندے
لطیف کہوے ایہہ لگیاں والے، فراق فنا ونج کِیتے
کُھل کہوے پھٹ سِیتے، تاں وی آہ نہ دسن عاماں نوں
|
57 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 30 |
اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
|
Asul’e aashiq’a panhenjy, sissi na sandheen’e,
Lahiyo sir’u Lateef’u chaye, saah’u salaRi’o Diyan’e,
Kula’oon kateen’e, puchhan’e poe preetaNo.
|
असिलि आशिक़ पांहिंजी। सिसी न सांढीनि।
लाहियो सिरु। लतीफ़ु चे। साहु सलाड़ियो ॾेनि।
कुल्हनियऊं काटीनि। पुछन पोइ पिरितणू॥
|
اصل کان وٺي عاشقن جي اها رسم آهي تہ هو پنھنجا سر قربان ڪرڻ کان بنهہ ڪونہ ڪيٻائن (ڪو بھانو تلاش نہ ڪن). عبداللطيف چوي ٿو تہ هو پنھنجو سر وڍي، ان سان گڏ (ساڳئي رسي ۾) ساھ بہ صدقو ڪيو ٿا ڇڏين. هو محبت جو نالو وٺڻ کان اڳ ۾ پھريائين پنھنجا سر ڪلهن وٽان ڪوري (ڪپي) ڏين ٿا.
|
Genuine lovers never concern themselves with protecting their heads. Latif says: "They are perpetually prepared to die and offer their lives. In fact, they sever their heads from their shoulders first, and only then do they seek love."
|
جو ہیں پریت کے مارے ان کو، کب ہے پیاری جان،
سجا کے سر وہ لے آتے ہیں، جان کریں قربان،
سر کا دے کر دان، بات کریں پھر عشق کی۔
|
سچے عاشق سِر آپنے دی رتی پرواہ نا کردے
سِر دے نال جاں وی دیندے، مرنوں مول نا ڈردے
دھر کے سِر تلی تے پچھن راہ عشق دا کیہڑا
|
58 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 31 |
اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
|
Asul’e aashiq’a jo, sir’u na sandheN’u kamm’u,
Sau sisen’aan aGaro, sando dosaan damm’u,
Hee’u haDo ain chamm’u, pikk’a priyaan ji’a na paRe.
|
असिलि आशिक़नि जो। सिरु न सांढणु कमु।
सऔ सिसिनिआं अॻ्रो। सन्दो दोसां दमु।
हिउ हॾो ऐं चमु। पिक प्रयां जीअ न पड़े॥
|
شروع کان وٺي سچن عاشقن جي اها ريت ناهي جو (محبوب جي اڳيان) پنھنجي سر کي وڌيڪ پيارو سمجهن. (هو هر وقت سر صدقو ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا). اهو ان ڪري جو هو ڄاڻن ٿا تہ دلبر جي هڪ گهڙيءَ جو ديدار بہ سندن سون سِرن کان مٿانھون آهي. دراصل عاشق جو هيءُ جسم ۽ جان محبوب جي محبت واري پيالي جي هڪ قطري يا ڦڙي برابر بہ ناهي.
[روميءَ جي نظر ۾ دوست جو ديدار ئي اصل زندگي آهي. ان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو:
نيم جان بستاند وصد جان دهد
آنچ در وهمت نيايد، آن وهد
(دفتر اول، ب- 245)
معنيٰ: اهو مالڪ اڌ جان جي عيوض سو جانيون ڏئي ٿو. جيڪو خواب خيال ۾ بہ نٿو اچي سگهي، اهو عطا ڪري ٿو.]
|
Genuine lovers have consistently embraced the concept of self-sacrifice. To them, a single moment with their beloved far surpasses the worth of possessing a hundred lives. This mortal body of flesh and bones holds no value compared to the mere sip of the beloved's wine.
|
جو ہیں پریت کے مارے ان کو، کب ہے پیاری جان،
یار کی ایک جھلک کی خاطر، لاکھوں سر قربان،
میرا جسم یہ جان، یار کی خاکِ پا پہ صدقے۔
|
سیس بچا کے رکھدے ناہیں سچے عاشق جیہڑے
یاراں دے اِک ساہ برابر، سئو سر تُلدے کیہڑے
سجن ہتھوں گھٹ اِک لبھے واراں ہڈ چم سارا
|
59 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 32 |
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
|
KoRiyeen ubha ketra, waDheo sir'a sanJein'e,
Jy pahut'e na paiyee, saJarNeen, ta wadhiyal tha wareen.
|
कोड़यीं उभा केतिरा। वढिओ सिर सञीं।
जे पिहित नह पीएई सॼणें। तह वढील था वारियुनि॥
| null |
Many drinkers cut their heads as an offering, but if the Beloved does not accept them, He returns the severed heads.
| null | null |
60 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 33 |
سِسِي سي گُهرَنِ، جٖي واڻيندَلَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.
|
Sissi sy ghuran’e, jy watendaR’a wich’a men,
Oo’e kee Bi’o puchhan’e, sarro jann’e sanbahiyo.
|
सिसी से घुरनि। जे वाटीन्दड़ विच में।
ऊइ की ॿियो पुछनि। सरो जनि संबाहियो?
|
اي عاشق، تنھنجو سر تہ اهي ٿا گهرن جيڪي ميخاني ۾ فقط ورهائڻ وارا آهن (جام ڀري ڏيڻ وارا آهن). باقي جيڪي اصل مئي جا مالڪ آهن (محبوب) سي تہ اڃان ڪجهہ وڌيڪ گهرن ٿا.
|
The winemakers insist on your surrendering your head. Hence, why would those who have crafted the wine desire anything different?
|
مدرا پینے آئیں اِن سے، سر مانگے ہے ساقی،
جن کی مدرا بھٹی، وہ کچھ اور ہی مانگیں۔
|
لے لے سر رنداں دے ساقی، خالی کاسے بھردے
دوجی طلب نہیں رکھدے اوہو، سودا سِر دا کردے
|
61 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 34 |
جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
|
Jy mathy watt’e miRan’e, ta sabhkahen men sadh’a theay,
Sir’a Diny satt’a juDy, ta aashiq’a ee’a achan’en
Ladha ty labhan’e, mulleh mahenga supareen.
|
जे मथे वटि मिड़नि। त सभकंहें सध थिए।
सिर ॾिने सट जुड़े। त आशिक़ ईअं अचनि।
लिधा ते लभनि। मुलिह् महंगा सुपिरीं॥
|
جيڪڏهن فقط سِر ڏيڻ (سر جي قرباني) سان محبوب ملن تہ جيڪر هر ڪنھن کي ساڻن ملڻ جي خواهش ٿئي. بلڪ صرف سِر جي عيوض اهو سودو ٺھي وڃي تہ جيڪر ڪيئي عاشق سِر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيھن. اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ڀاڳ وارا عاشق بہ ورلي ٿا پيدا ٿين ۽ اهڙن محبوبن جو (سر عيوض) ملڻ وري ان کان وڌيڪ مشڪل آهي.
|
If achieving union with the beloved required sacrificing one's life, everyone would aspire to such an honorable exchange. If the bargain were sealed with the sacrifice of life, lovers would eagerly offer themselves en masse. The beloved is the most valuable and priceless entity, accessible only through fortunate circumstances, regardless of any deliberate efforts made in that pursuit.
|
سر کا صدقہ دے کر سائیں، پریتم گر مل جائے،
سستا سودا جان کر عاشق، سر اپنا کٹوائے،
قسمت جب بر آئے، تب ملتا ہے ساجن۔
|
سِر دتیاں جے ملدا جانی ، طالب ہور بتیرے
سودا سِر پکا ہووے، عاشق آون اگیرے
وصل اوس دا لبھدا ناہیں، فر وی بات نصیباں
|
62 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 2 |
سُوري، ڪاتي ۽ زھر
|
بيت
| 35 |
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
|
Mulh mahango qataro, sikaN’u shahadat’a,
Asaan ebaadat, nazaru naaz’u piryan’e jo.
|
मुलिह् महंगो क़तरो। सिकणु शहादत।
असां इबादत। नज़ारु नाज़ु पिरियनि जो॥
|
انهيءَ شراب جو هڪ ڦڙو بہ تمام وڏي ملهہ وارو آهي، جو ڪيڏي بہ مُلهہ سان نٿو ملي سگهي. اهڙي سڪ نصيب ٿيڻ بہ وڏي خوش قسمتي آهي. اسان جو فرض (محبوب جي) ٻانهپ ۽ بندگي آهي. باقي ڪرم جي نظر ڪرڻ سو ان پياري پرينءَ جو پنھنجو انداز آهي (هو جڏهن مناسب سمجهندو تہ ان نظر سان نوازيندو).
[مثنويءَ ۾ مرشد جي ديدار کي اهو درجو ڏيندي چوي ٿو:
ديدن دانا عبادت اين بود،
فتح ابواب سعادت اين بود..
(دفتر سوم، ب- 3001)
معنيٰ: الله وارن کي ڏسڻ عبادت وانگر آهي ۽ نيڪ بختيءَ جا دروازا کلڻ سمجهہ. بيت ۽ شعر ۾ مشترڪ لفظ ’عبادت‘ ۽ ’سعادت‘ غور طلب آهن.]
|
A single drop of this wine is beyond measure in value. Even a longing for it is worth sacrificing one's life. Our duty is to worship, and for us, the mere sight of the beloved's loving gaze upon us is sufficient.
|
مے انمول کے اک قطرے کی، آس شہادت ہے،
یہ بھی عبادت ہے، گر ناز سے ساجن دیکھے۔
|
مہنگے مُل دا قطرہ ہئی، ایہا عشق شہادت
ساکوں تھئی عبادت، ناز نظر پریتم دی۔
|
63 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 1 |
اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
|
Uthyari uthi wi’aa, manjhaa moon aazar’a,
Habib’a ee haNi we’aa, peeRa ji pachaar’a,
Tabeeban tawaar’a, haD’e na warNy harN’e moon.
|
उथियारे उथी विया।मंझां मूं आज़ारा।
हबीब ई हणी विया। पीड़ा जी पचार।
तबीबनि तंवार। हॾ न वणे हाण मूं॥
|
(منھنجو پرين) منھنجي اندر ئي اندر ۾ درد ۽ سور جاڳائي پاڻ هليو ويو. اهو پرين پاڻ ئي مون کي اهو ايذاءُ ۽ آزار ڏئي ويو (جيڪو مون کان جدا ئي ڪونہ ٿو ٿئي). انهيءَ حالت ۾ (منھنجي دل کي) ويڄن ۽ طبيبن جي ڪا ڳالهہ نٿي وڻي.
|
The beloved has ignited within me the overwhelming pangs of love and subsequently departed, leaving me in a state of enduring suffering and restlessness. Seeking solace through consultations with physicians proves futile. My life has become devoid of all happiness.
|
مجھ کو چھوڑ گیا ہے ساجن، پریت کا روگ لگا کر،
ایسا درد وہ دے گیا دل کو، میرا یار وہ دلبر،
کوئی نہ چارہ گر، میرے من کو بھائے۔
|
پیڑ عشق دی لاکے اندر، میت تُر گیا میرا
لاکے روگ اولا مینوں، سجن چکیا ڈیرا
دارو نسخے ہور ھدایتاں، ویداں دے نا بھاون
|
64 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 2 |
ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون، ويڄَنِ جي وِصالَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.
|
HaD’e na warNy harN’e moon, weJan’e ji wisaal’a,
Hin’a muhinjy haal’a, habib’u e hadi the’o.
|
हॾ न वणे हाण मूं। वेॼनि जी विसाल।
हिन मुंहिंजे हाल। हबीबु ई हादी थियो॥
|
ويڄن جي ملڻ کان پوءِ منھنجو پنھنجو جسم وڻيئي نہ ٿو. منھنجي ھن حال جي اصل پرک صرف منھنجي محبوب وٽ ئي آھي جيڪو اچي سار لھي ٿو.
|
I strongly detest any form of interaction with physicians. My beloved is the sole source of guidance and the healer of my current affliction.
|
من کو اب نہ بھائے کوئی، پی بِن اور طبیب
وہ ہی یار حبیب، میرے حال کا ہادی ہے۔
|
روگ میرے دا دارو کونا ویداں کول نا جاواں
توں ای حال میرے دا محرم، جانی تیں در آواں
|
65 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 3 |
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
|
Habib’u e hadi the’o, rehnuma rahat’a
PeeRa niyaeen parN’a sain, laye De’ee lat’a,
Supeeriyan sehat’a, Deniyam’e, manjha Dukhandy.
|
हबीबु ई हादी थियो। रहनुमा राहत।
पीड़ा नियाईं पाणु सीं। लाए ॾेई लत।
सुपेरियां सिहत। ॾिनियमि मंझां ॾुखन्दे॥
| null |
My beloved has transformed into my guiding consultant and healer. Through forceful measures, he has effectively uprooted the ailment, causing it to vanish completely. While his approach may have been harsh, it undeniably cured me of all suffering.
|
ہادی ہُوا حبیب وہ میرا، راہ نمائے راحت،
پی نے روگ مٹایا سارا، قائم ہوگئی نسبت،
ہم نےپائی صحت، روگ سے تیرے ہاتھوں۔
|
سجن وی اوہ ھانی وی اوہ راحت دیون ھارا
پیڑاں دے وچ پیڑے آپے درد نوارن ھارا
دُکھ دے کے اوس دارو دِتا، نو برنو فِر کیتا
|
66 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 4 |
اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
|
Oar’e Dukhando oo theye, hadi jehen habib’u,
Tir’u tafawat’u na kare, tehen khy ko tabib’u,
Rahnuma raqeeb’u, saathar’e sehat’a supreen.
|
औरि ॾुखन्दो ऊ थिए। हादी जंहिं हबीबु।
तिरु तफ़ावत न करे। तंहिं खे को तबीबु।
रहनुमा रक़ीबु। साथरि सिहत सुपिरीं॥
|
اهڙو عاشق وڌيڪ تڪليفن ۾ پئجي وڃي ٿو جنھن جو اڳواڻ ۽ واٽ ڏيکاريندڙ پاڻ پيارو پرين آهي. هن جي سور جي تڪليف لاهڻ ۾ دنياوي طبيب ڪنھن ڪم جو ناهي، بلڪ انهيءَ حالت ۾ ڏس ڏيندڙ توڻي سنڀال ڪندڙ تان جو مرض جي ستي ڦڪي پڻ اهو سڄڻ پاڻ آهي.
[مثنويءَ ۾ اهڙي طبيب بابت هينئن چوي ٿو:
دفع اين کوري بہ دست خلق نيست،
ليک اکرام طبيبان از هديست.
(دفتر سوم ب 2730)
معنيٰ: هن انڌائپ واري بيماريءَ جو علاج مخلوق جي هٿ ۾ ناهي، البت طبيبن جي عزت ڪرڻ واري هدايت تي عمل ضروري آهي.]
|
The ailment takes on a remarkably unique nature when the guide is a friend. The conventional physician, in such cases, would have no effectiveness in their treatment. Ultimately, it is my beloved, the guide and protector, who, like a healing medicine, will restore me to good health.
|
اور طرح کا روگ لگے ہے، ہادی ہو جو حبیب،
ایسا روگ مِٹا نہ پائے، کوئی اور طبیب،
رہنما ہے رقیب، وہ ہی درد کا درماں ہے۔
|
سجن جس دا ہادی ہندا، عجب بماری لاوندا
تھکے طبیب کر کر دارو، رتی فرق نا آوندا
رقیب وی اوہی، راہبر وی اوہ درمل آپے
|
67 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 5 |
ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
|
Saathar’e sehat’a supreen, aahy na aazar’u,
Majlis’a wer’a mitho theay, kotheendy qahaar’u,
Khanjar’u tehen khoob’u harNy, jehen sain theay yaar’u,
Saheb’u rabb’u sattar’u, sojhy raGoon saah’a jiyoon.
|
साथरि सिहत सुपिरीं। आहे न आज़ारु।
मज्लिस वेर मिठो थिए। कोठीन्दे क़हारु।
ख़ंजरु तंहिं ख़ूबु हणे। जंहिं सीं थिए यारु।
साहिबु रब्बु सत्तारु। सोझे रॻूं साह जूं॥
|
اهو سپرين خود علاج ۽ دوا بہ آهي تہ شفا پڻ آهي. هن کي مصيبت هرگز نہ سمجهه. هو محبت جي مجلس ۾ جيترو مٺو مهربان آهي، اوترو ئي وڍڻ ۾ سخت ۽ بي رحم آهي. هو جنھن سان دوستي رکي ٿو تنھن کي خنجر ۽ ڀالا هڻي (تڪليفون ۽ دُک ڏئي) آزمائي ٿو. منھنجو اهو سڄڻ سائين اهڙو آهي جو (ڪھڻ کان بعد) ساھ جي رڳن مٿان پوري نظر رکي ٿو (تون هن تي پورو ڀروسو ڪر)
[مثنويءَ ۾ هن باري ۾ هينئن چوي ٿو:
گرنخواهي نُکس پيش اين طبيب
بر زمين زن زر و سر را اي لبيب
(دفتر سوم، ب- 2727)
معنيٰ: جيڪڏهن تون گهرين ٿو تہ اها بيماري وري واپس نہ اچي تہ پوءِ اي عقلمند جلدي ڪر ۽ پنھنجو مال متاع ۽ مٿو زمين تي رک (پوري تابعداري ڪر.)
|
My beloved is my only remedy. To all and sundry generally He is kind in company. When he is particularly interested in you, he calls you to himself. He then tests you in different cruel ways. He, repeatedly stabs you when he becomes friendly to you. But he is the lord and the coverer of sins. He covers up your deficiencies as He knows your vital arteries.
|
جب وہ چارہ ساز ہُوا تو، دُور ہُوا آزار،
گاہے بول سے رس گھولے اور، گاہے قہر کا وار،
اس کو ہی وہ گھائل کردے، جس کا ہو وہ یار،
صاحب رب ستار، وہ ہی من کی بیتا جانے۔
|
سجن دارو دُکھ نا دیندا سبھے روگ گوائے
"قہار" سمجھیا جاندا جیہڑا مٹھے بول سنائے
نال خنجر کوہ کوہ مارے جس نوں یار بنائے
رب ستار اوہ پردے ڈھکدا، ساہ دی رگ رگ جانچے
|
68 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 6 |
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
|
RaGoon thiyoon tabab’u, waJaN’e wail’a sabhkahenm’e,
LuchharN’u kuccharN’u na the’o, janib’u ree’a jabab’u,
Soi sandheedum supareen, kiyas’e jehen kabab’u,
Soi ain’u azab’u, soi rahat’a rooh ji.
|
रॻूं थियूं रबाबु। वॼनि वेल सभकंहें।
लुछणु कुछणु न थियो। जानिबु री जबाबु।
सोई सन्धीदुम सपिरीं। कयस जंहिं कबाबु।
सोई ऐनु अज़ाबु। सोई राहत रूह जी॥
|
منھنجي جسم جون سڀ رڳون رباب جي ساز وانگر تارون ٿي پيون آهن جيڪي هر وقت (سور ۾) پيون وڄن. اهي سورن ۾ پيون لرزن ۽ لچڪن (تڙڦن) پر محبوب کان سواءِ ٻئي ڪنھن سان سور سلڻ لاءِ تيار ناهن. (مون کي اميد آهي تہ) اهو ئي سڄڻ، جنھن مون کي وڍي ڪباب جھڙا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي، سوئي وري ملائي سڄو سالم ڪندو. منھنجي لاءِ اهو ئي محبوب ايذاءَ جو سبب بہ آهي تہ ساڳئي وقت روح جي راحت بہ آهي.
|
Constantly, my veins pulsate akin to the resonating strings of a Rubab ( a kind of musical instrument). Though I endure anguish without uttering a sound, my beloved remains unresponsive. Yet, I hold steadfast in the belief that the very same person who inflicts upon me torment will also bring about my healing and revitalization. For if they inflict acute suffering, they also bestow serenity upon the soul.
|
پل پل جھن جھن باج رہے ہیں، رگ رگ تار رُباب،
میرے لب پر مہر لگی ہے، ساجن دے نہ جواب،
وہ جو میرے زخم کا مرہم، دل کو کرے کباب،
وہ ہی عین عذاب، وہی راحت روح کی ہے۔
|
ساز رباب رگاں دا بنیا، گیت سُریلا گاوے
عاشق تڑفن بول نا سکدے، مت نا مونہہ ہلاوے
لُوھے – ساڑے – سجن آپے، آپے ملھم لاوے
درد تیسہے دیندا آپے، آپے راحت دیوے
|
69 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 7 |
سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي رَھنُما،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ .
|
Soi raah’a radd’e kary, soi rahanuma’o,
Watu ezz mann tasha’o, watu zill’u mann tasha’o.
|
सोई राह रदु करे। सोई रहनुमा।
व तुइज़्ज़ु मन् तशाउ। व तुज़िल्लु मन् तशाउ॥
|
اهو ئي واٽ بند ڪري، اهو ئي واٽ ڏيکاريندڙ ٿئي. (قرآن پاڪ ۾ آيل آھي تہ) جنھن کي وڻيس تنھن کي عزت وارو ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي ذلت وارو ڪري.
|
He is the one who obstructs the path towards guidance, and He is also the one who simultaneously provides guidance. This profound reality is echoed in a verse from the Quran: "You bestow honor upon whomever You choose, and You bring disgrace upon whomever You choose."
|
وہ بھٹکائے راہ دکھائے، عجب ہے اس کی عادت،
جس کو چاہے عزت دے اور جس کو چاہے ذلت۔
|
آپ کُراھے پاوے سجن آپے راہ دکھاوے
جن بھاویں توں عزت دیویں، خوار کریں جن بھاویں
|
70 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 8 |
عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
|
Par men puchhiyaaoon, eshq’a jy asbab’a khy,
Daroon hin’a dard’a jo, Dadho Dasiyaoon,
Aakhir’u wal asr’a jo, eeham utaaon,
Tehaan poe aaoon, sekaan thee salam’a khy.
|
पर में पुछियाऊं। इश्क़ जे असबाब खे।
दरूं हिन दर्द जो। ॾाढो ॾसियाऊं।
अख़िरु वल्अस्र जो। ईहें उताऊं।
तिंहां पोइ आऊं। सिकां थी सलाम खे॥
|
منھنجي محبوب (هڪ دفعي) وڏي رازداريءَ سان عشق ۽ محبت واري حالت جو سبب پڇيو. پر پاڻ برھ جي بيماريءَ جو وري ڏاڍو عجيب علاج ٻڌايائون. ائين چيائون تہ هن بيماريءَ جو علاج قرآن پاڪ جي سورة والعصر جي آخر ۾ ٻڌايل آهي. يعني ’سچ‘ ۽ صبر جي تلقين ڪيائون. انهيءَ ڏينھن کان وٺي آءٌ پيئي (صبر ڪري) سِڪان تہ ڪڏهن ٿا سندن سلام اچن (پاڻ ياد ڪن!)
[مثنويءَ ۾ اها ڳالهہ هن ريت آيل آهي:
صبر را باحق قرين کرد اي فلان
آخر والعصر را آگه بخوان
(دفتر سوم، ب- 1853)
معنيٰ: اي فلاڻا، صبر کي حق جو ساٿي چيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سورة والعصر جي پڄاڻيءَ کي چڱيءَ طرح پڙه ۽ سمجهہ.]
|
Confidentially, he inquired about the reasons and signs of love from me. Following that, he suggested a challenging remedy. Ultimately, he advised me to practice patience in dealing with this matter. Consequently, I constantly yearn for a chance to express my admiration and reverence towards him.
|
کیا ہے درد کا کارن؟ پی نے چُھپ کر پوچھا،
درد کا درماں بخشا یار نے، مجھ کو پاس بلایا
"آخر العصر" پریتم نے فرمایا،
تب سے یہ من میرا، ترسے پی درشن کو۔
|
آپ عشق دے اوس نے مینوں گُجھے بھیت بتائے
اوسے دردی پریتم میرے، آپے درد ہٹائے
رات صبر دی بخشی مینوں، مہر دے وچ جد آئے
کھڑا اُڈیکاں کد گھر آوے دے سلام نوازے
|
71 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 9 |
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
|
Sikeen kuh’u salam’a khy, kareen kuh’u na salam’u?
Be’aa darr’a tann’e haram’u, ee’u darr’u Janeen dekh’eo.
|
सिकीं कोहु सलाम खे। करीं कोहु न सलाम?
ॿिया दर तनि हराम। ईउ दर जनीं देखियो॥
|
تون محبوب جي سلام جو انتظار ڇو ٿو ڪرين (اها ڳالهہ ٺھي ڪانہ ٿي) تون پاڻ وڃي سلام ڇو نٿو ڪرين. جن سڄڻن وارو اهو در ڏٺو آهي، تن لاءِ ٻيا در حرام (منع ٿيل) آهن.
[هن ٻنهي بيتن جي پس منظرلاءِ مثنوي مان هيٺيان بيت نظر ۾ رکي سگهجن ٿا.
بي طمع نشنيد م از خاص و عام،
من سلامي اي برادر والسلام،
جز سلام حق تو هين آنرا بجو،
خانہ خانہ، جابجا، کو بکو.
(دفتر سوم، ب- 3349-50)
معنيٰ: عام توڙي خاص ڪنھن جو بہ سلام مطلب کان سواءِ ناهي منھنجي اها راءِ پڪي آهي. وڌيڪ والسلام، ليڪن ذات حق جو سلام ڪنھن بہ مطلب کان سواءِ آهي. ان جو سلام ڪر، جتي ڪٿي، هر هنڌ ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾. مطلب تہ انهيءَ ذات جي سڪوت کي ئي سلام سمجهہ، ڇو تہ اهو ئي آهي جيڪو ٻين کان پاڻ ڪا اميد نٿو رکي، بلڪہ ٻيا منجهس اميد رکن ٿا.]
|
Why do you limit yourself to yearning for obedience to him? Why not take the initiative and pay homage to him? Those who are familiar with him forsake all other avenues and focus solely on him.
|
دور سے بیٹھا کیوں ترسے ہے، جا اس یار کے دوار،
ٹھکرایا سنسار، جس نے دیکھا دوار پیا کا۔
|
سلام اڈیکیں ماہی دا، توں دھر نہ لویں سلام
دوجے در حرام، اس تے، جس ایہہ بُوہا ڈِٹھا
|
72 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 10 |
مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
|
Mithaya mitho gharNo, kaRo naah’e kalam’u,
Sukoot’u ee salam’u, priyaan sandy paar’a jo.
|
मिठायां मिठो घणु। कड़ो नाहि कलामु।
सुकूत ई सलामु। प्रयां सन्दे पार जो॥
|
محبوب جو ڳالهائڻ مٺاڻ کان وڌيڪ مٺو ۽ لذيذ آهي، اهو ڪڏهن بہ ڪؤڙو (اڻ وڻندڙ) ناهي. ائين محبوب جي ماٺ ڄڻ (سندن موڪليل) سلام (يادگيري) آهي.
[روميءَ وٽ وري هي انداز ملي ٿو:
تلخ از شيرين لبان خوش مي شود،
خار از گلزار دلکش مي شود.
(دفتر سوم، ب- 538)
معنيٰ: مٺڙن چپن وارن جي ڳالهائڻ سان ڪوڙاڻ بہ مٺاڻ ٿي پوندي آهي. جيئن گلشن ۾ گلن سان گڏ ڪندا بہ سهڻا لڳندا آهن.]
|
Each and every word he speaks resonates with melodiousness and profound blessings. There is no hint of bitterness in his conversations. Furthermore, even in moments of silence, a profound sense of tranquility radiates from him.
|
شیرینی سے شیریں تر ہے، میٹھا ہر ایک بول،
ساجن ہے انمول، چپ بھی پیار کی باتیں ہیں۔
|
بول میت دے ماکھیوں مٹھے کوڑے بول نا جانیں
چپ سجن دے ونڈے سلاماں کردی اپنے بھانیں
|
73 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 11 |
پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي مِٺائِي،
ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.
|
Priyaan sandy paar’a ji, miRa’ee mitha’ee,
Kanhy kaRa’ee, chakheen jy chait’u kary.
|
प्रयां सन्दे पार जी। मिड़ई मिठाई।
कान्हे कड़ाई। चखीं जे चेति करे॥
|
پرينءَ جي طرفان جيڪي ڪجهہ ملي (اهو سڀ سٺو آهي) اهو مٺو ئي مٺو آهي. ان ۾ ٿوري بہ ڪڙاڻ (خرابي) ڪانهي. بشرطيڪ تون دل سان ان کي چکين.
[مثنوي روميءَ مطابق جيئن تہ الله تعاليٰ سراسر لطف ۽ ڪرم آهي، تنھن ڪري ان جي ڪاوڙ يا ڏمر ۾ بہ چڱائي سمجهڻ کپي!
گر نديدي سود او در قهر او،
کي شدي آن لطف مطلق قهرجو.
(دفتر اول، ب- 210)
معنيٰ: جيڪڏهن هو (الله تعاليٰ) ان ماڻهوءَ جو فائدو ان ڏمر ۾ نہ ڏسي ها تہ اها ذات جيڪا پاڻ سراسر لطف ۽ ڪرم آهي، اهو ڏمر ڪيئن ڪري ها.]
|
All that comes from the Beloved is sweet, regardless of what He bestows upon you. There exists no bitterness, provided you uncover the secret of savoring.
|
شیرینی ہی شیرینی ہے، جو کچھ پریتم دے،
دل سے گر چکھ لے، ذرا نہیں کڑواہٹ۔
|
پریتم سندے پار دی، ساری ہے مٹھیائی
نہیں کڑانگا کائی، چِت نال چکھیں جے کر
|
74 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 12 |
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
|
JarNy Bujhy jann’e, toseen soor’a sanJ’a ki,
Toon keean sandyoon tann’e, par’a seen pacharoon kareen.
|
ॼाणी ॿुझी जनि। जतोसीं सूर सुञ की।
तूं कीअं सन्दयूं तनि। पर सीं पचारूं करयें?
|
تنھنجي سڄڻن سوچي سمجهي توکي (سڪ جي) سورن سان آگاھ ڪيو (تہ تون اهي خوشي ۽ صبر سان سھندين). پر تون وري ڪيئن اهي (اهي راز واريون) خبرون وڃي ٻين ڌارين (بي قدرن) سان ٿو ڪرين.
|
Considering the deliberate hardships he has imposed upon you, it is not appropriate to discuss them with others under the given circumstances.
|
جان بوجھ کے پی نے تجھ سے، باندھا درد کا رشتہ،
پریت کے درد کی باتیں پیارے!، غیر کو مت بتلا۔
|
جان بُجھ کے جس ایہہ درد عنایت کیتا تینوں
گلاں اوہدیاں فیر کریں بگانیاں دے نال کیوں؟
|
75 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 13 |
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
|
To Janeen ji taat’e, tann’e purNu’u aahy tuhinjy,
Fazkuruni azkurukum, ee’a parooRij baat’e,
Hath’e katee waat’e, puchharN’u par’e piriyan’e jy.
|
तो जनीं जी ताति। तनि पुणि आहे तुंहिंजी।
फ़ज़्कुरूनी अज़्कुरुकुम। ईअ परूड़िज बाति।
हथ काती। ॻुड़ु वाति। पुछणु पर पिरीं जी॥
|
(اي طالب) تون جن کي هر وقت ياد ڪري رهيو آهين، سي پڻ توکي ياد ڪن ٿا (اهو عشق جو بنياد آهي). قرآن جي آيت، ’توهان مون کي ياد ڪريو تہ آءٌ اوهان کي ياد ڪريان، کي چڱيءَ طرح سمجهہ. محبوب جي هٿ ۾ ڪاتي آهي (سندس ظاهري روش سخت آهي) پر سندس ڳالهائڻ ۾ مٺاڻ آهي. هو ان ريت ئي پنهنجن پيارن جي خبر چار لھي ٿو.
|
Those whom you hold in remembrance also hold you in their thoughts. Take note and embrace the implications of the Quranic verse: "Remember me and I will remember you." The beloved carries a knife in their hand and sweets in their mouth; such is the beloved's tradition.
|
جس کی چاہ میں تڑپ رہے ہو، وہ بھی تجھ کو چاہے،
فاذکرونی اذکرکم، پی کی بات سمجھ لے،
ایسا وہ پریتم ہے، شیرین لب اور ہاتھ میں خنجر۔
|
جس نوں چیتے دل چ اپنے اوہ وی چیتے تینوں
میں وی چیتے کراں تہانوں، یاد کرو جے مینوں
مونہہ مٹھاتے ہتھ وچ کاتی، صورت عجیب بنائی
|
76 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 14 |
حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
|
Habeeban’e hekaar’a, manjhaa mahar saD’u ke’o,
So moon sabh Jamaar’a, aorarN’u uho e the’o.
|
हॿीबनि हेकार। मंझां महर सॾु कयो।
सो मूं सभि ॼमार। ओरणु उहो ई थियो॥
|
منھنجي محبوبن راضي ٿي (محبت وچان) مون کي پاڻ سڏ (ياد) ڪيو، ان کان پوءِ پوري حياتيءَ ۾ منھنجي لاءِ اهوئي ورد (ورائي ورائي ياد ڪرڻ) رهجي ويو آهي (تہ هن مون کي پاڻ ياد ڪيو).
|
Once upon a time, my beloved affectionately called out to me. I have cherished that memory for the remainder of my life, embracing the bittersweet feeling it brings.
|
پریتم نے اک بار پکارا، مہر سے مجھ برہن کو،
بس اس ایک سخن کو، سکھیو! دل دُہراتا ہے۔
|
یار حبیباں اک واری، مینوں مہر نال کیتا سد
میرا ساری جِند، فیر ایہو ای دور رہیا
|
77 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 15 |
پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
|
PaBohy hekaar’a, moonhan puchh’eo saJarNen,
Alast’u Be Rabbekum chayaoon jehen waar’a,
Sandy sawr kenaar, tann’e taDhankoon na lahy.
|
"पाॿोहे हेकार। मूंहां पुछियो सॼणें।
अलस्तु बिरब्बिकुम। चयाऊं जंहिं वार।
सन्दी सूर किनार। तन तॾांहकूं न लहे॥"
|
هڪ ڀيري جڏهن منھنجي سپرين راضي ٿي مون کان پڇا ڪئي ۽ چيائون ڇا آءٌ توهان جو رب ناهيان؟، تڏهن (منھنجي روح اقرار ڪيو تہ ’بليٰ‘ يعني هائو) کان وٺي (هن مھل تائين) منھنجي روح مان سِڪ ۽ سوز واري اِها حالت ختم نٿي ٿئي ۽ برابر قائم آهي. (ازل ۾ روحن جي اقرار ڏانھن اشارو)
|
On a certain occasion, my beloved asked me with a smile, "Am I not your Lord?" The profound impact of their embrace continues to resonate within my body, its effect lingering still.
|
پیار سے پریتم نے پوچھا تھا، مجھ سے یہ اک بار،
" کیا میں تیرا رب نہیں ہوں؟"، میرا تھا اقرار،
درد کی تیز کٹار، تب سے دل میں اُتری ہے۔
|
مسکرا کے اوس نے میتھوں، اک وعدہ کروایا
روز الستے٭ توں دتا اپنا ھن تک قول نبھایا
٭جدوں رب نے روحاں سرجیاں اوس نے اونہاں توں پچھیا "کیہہ میں تساڈا رب نہیں؟" اونہاں آکھیا ہاں (الست بربکم قالو بَلا) (القران) اوس دن نوں الست یا میثاق آکھدے ھن۔
|
78 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 16 |
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
|
PaBoheyo pucchan’e, kithy hath’u habib’a jo?
Nezy hethaan neehan jy, pasy marN’u na kann’e,
Aashiq’a ajal’a samuhan oonchi GaaT’e achan’e
KussarN’u qurb’u jann’e, maraN’u tann’e mushahido.
|
"पाॿोहियो पुछनि। किथो हथु हबीब जो?
नेज़े हेठियां नींहं जे। पासे पाणु न कनि।
आशिक़ अजल सामुहां। ऊंचे ॻाटि अचनि।
कुसणु क़ुर्बु जनि। मरणु तनि मुशाहिदो॥"
|
اهي (سچا عاشق) کلندي ۽ خوش ٿيندي دلبر دوست جي هٿ (جنھن ۾ ڪھڻ جو ڪات آهي) جي پيا پڇا ڪن. اهي عاشق آهن جيڪي محبت جي تيرن کان بچڻ واسطي ٿورو بہ پاڻ کي هيڏي هوڏي نٿا ڪن. بلڪہ اهي عاشق موت کي آمهون سامهون ڏسي بہ پنھنجو ڪنڌ مٿي کنيو (محبوب ڏانھن) وڌندا اچن. بيشڪ اهڙن عاشقن لاءِ ڪُسڻ (قربان ٿيڻ) قرب حاصل ڪرڻ برابر آهي ۽ ’موت‘ (فنا) ۾ دوست جو دائمي ديدار آهي.
[مثنويءَ ۾ پڻ عاشق جو محبوب جي هٿان ڪسڻ جو اڪثر ذڪر ملي ٿو، جنھن مان مراد عشق جي انتھائي قرب واري ڪيفيت آهي. جيئن هن شعر مان واضح ٿئي ٿو.
عاشقان آنکه شراب جان، آنگه کشند،
که بدست خويش خوبان شان کشند.
(دفتر اول، ب- 229)
معنيٰ: عاشق انهيءَ گهڙيءَ خوشي (سرمستيءَ) جا پيالا پيئن ٿا، جڏهن پنھنجي محبوب جي هٿان قتل ٿيندا آهن.]
|
With smiles on their faces, those individuals inquire about the whereabouts of the beloved's hand, willing to offer themselves as sacrifices. They show no signs of fear when faced with the beloved's spear. In fact, they approach the situation with their heads held high, embracing death without any hesitation. For those who consider acceptance of their life's sacrifice by the beloved as a favor bestowed upon them, death itself signifies an opportunity to meet the beloved face to face.
|
پوچھ رہے ہیں یار، پی نے باندھا کدھر نشانہ،
عشق کے بھالے برس رہے ہیں، خود کو کریں نثار،
دیکھ کہ کیسی سج دھج سے وہ آئیں سوئے دار،
سر دیتے ہیں وار، مر مٹنا تو پیا ملن ہے۔
| null |
79 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 17 |
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
|
Kothy kuhy supreen, kothy kuharN’a saarN’u,
Nezy hethaan neehan jy, pasy kar’e m’a paarN’u,
Jull’u wenJa’ay JaarN’u, aashiq’a ajal’a samhum.
|
"कोठे कुहे सुपिरीं। कोठे कुहण साणु।
नेज़े हेठियां नींहं जे। पासे करि म पाणु।
ॼुलु। विञाए ॼाणु। आशिक़ अजल सामुहूं॥"
|
دلبر دوست عاشقن کي (قريب آڻڻ خاطر) پاڻ سڏي ڪھي ٿو ۽ سندس سڏڻ جو مطلب ڪھڻ (قرب جي انتھا) ئي آهي. اي عاشق، تون محبوب جي اهڙن تيز تيرن کان بچڻ جي متان ڪا ٿوري بہ ڪوشش ڪرين (پاڻ کي محروم ڪرين) اي عاشق هن راھ ۾ تون هر قسم جي عقل منديءَ کي ڇڏي ڏي ۽ فقط (محبوب جي سامهون) هر حال ۾ اڳتي وڌندو رھ.
[مثنويءَ ۾ عاشق جو معشوق هٿان تير کائڻ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو.
بردلم زد تير و سوداييم کرد،
عاشق شکر و شکر خاييم کرد.
(دفتردسوم ،ب- 4135)
معنيٰ: هن منھنجي دل ۾ تير هڻي ان کي پنھنجو مجنون بنائي ڇڏيو. ائين هن مون کي مٺاڻ جو عاشق ۽ مٺاڻ کائڻ وارو ڪري ڇڏيو.]
|
The beloved either calls you to bring about your death, or they themselves cause your death and then immediately beckon you towards them, following your self-sacrifice in their name. In either scenario, it is advised not to shy away from the beloved's spear. Oh, lover! Proceed towards that destiny without self-consciousness or ego, embracing your demise without hesitation.
|
پاس بلا کر قتل کرے اور، پھر وہ پاس بلائے،
لاکھ گڑھے ہوں عشق کے بھالے، قدم لرز نہ پائے،
موت سے آنکھ ملائے، بھول کے علم و دانش کو۔
| null |
80 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 18 |
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
|
KotharN’u qareeban jo, ain’u taRerN’u aahy,
Ee’a ulti GalhRee, sikk’a warandi saah’e,
Aasar’a haD’e m’a laah’e, chhinarN’u GandherN’u unn’e jo.
|
"कोठणु क़रीबनि जो। ऐनु तड़णु आहि।
ईअ उल्टी ॻालह्ड़ी। सिक वरन्दी साहि।
आसर हॾ म लाहि। छिनणु ॻंढणु उनि जो॥"
|
محبوبن جو ڪنھن کي پاڻ وٽ سڏڻ يا پاڻ کان پري ڪرڻ ٻيئي برابر آهن. هيءَ ابتي حقيقت پنھنجي ٻئي ساھ کڻڻ کان بہ اڳ ۾ سِک ۽ سمجهہ (ان ۾ ذري برابر دير نہ ڪر). اي عشق ۾ سچا (سالڪ)، سڄڻ مان ڪڏهن نا اميد نہ ٿيءُ جو هن جو پري ڪرڻ بہ ويجهو ڪرڻ برابر ئي آهي.
|
The beloved's rejection is equivalent to their acceptance of you. This unconventional or reverse process actually ignites even greater passion. This is how love operates, in a manner that may seem contrary. Never succumb to frustration. The truth is that when the beloved creates disruption, it is actually a means of connection. It is solely their privilege to establish or disrupt the bond of association.
|
پی کا پاس بلانا بھی تو، گویا ہے دھتکار،
جس کو کوئی سمجھ نہ پائے، ایسا اس کا پیار،
آس اسی کی یار!، جو توڑ کے ناتہ جوڑے۔
| null |
81 | 1 |
سُر ڪلياڻ
| 3 |
عشق ۽ معشوق
|
بيت
| 19 |
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي،
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
|
Kuhyy so kar'a lahy, kothy so kuhy
So'ee moon muhy, so'ee rahat'a rooh'a ji.
|
कहुय सौ करा लही। कोठे सौ कहुय।
सोवे मूओन महुय। सोवे राहत रओह जी॥
|
جيڪو سڄڻ قتل ڪري ٿو سو ئي خبرگيري ڪري ٿو. اهو ئي جڏهن پاڻ ياد ڪري ٿو تہ وري قتل بہ ڪري ٿو. ساڳيو دلبر دوست جيڪو ايذاءُ ڏئي ٿو، سوئي روح کي فرحت ۽ آرام پڻ بخشي ٿو.
|
He brings forth both my life and death; he is the one who administers justice. Whenever he invites me, it is with the intention of sacrifice. The reality is that the one who inflicts pain upon me is also the source of peace and solace for my soul.
| null | null |
AMBILE Shah Jo Risalo
Developed by:
Abdul Majid Bhurgri Institute of Language Engineering (AMBILE), Hyderabad
Under the administrative control of the Culture, Tourism, Antiquities & Archives Department, Government of Sindh
Dataset Overview
The "Shah Jo Risalo" dataset serves as a comprehensive linguistic and literary resource, encompassing 4,767 Sindhi poetic verses drawn from the 30 traditional Surs (sections) of the esteemed magnum opus of Shah Abdul Latif Bhittai. Each poetic verse, written in Sindhi Arabic Perso, is meticulously paired with its Roman Script, Devanagri Script, along with translations in Sindhi, English (translated by Amar Fayaz Buriro), Urdu (translated by Agha Saleem), and Punjabi (translated by Kartar Singh Arsh). This dataset offers valuable insights into the philosophical, spiritual, and cultural dimensions embedded within the poetry, making it an indispensable asset for researchers, linguists, educators, and developers working on Sindhi literature and AI/NLP applications.
Dataset Features
- Total Verses: 4,767 poetic lines from 30 classical Surs
- Language: Clean Sindhi script in Unicode format
- File Format: CSV file titled
Bhittaipedia Risalo -(25-08-25).csv
CSV Structure
The dataset is organized into the following fields:
- Row_ID: Unique identifier for each row
- Melody Number: Identifier for the melody associated with the verse
- Melody (سر): Name of the Sur (chapter)
- Chapter Number: Verse number within the Sur
- Chapter (داستان): Subsection within the Sur
- Type: Type or category of the verse
- Bait / Vaayi Number: Number associated with the poetic form
- Sindhi Arabic Perso: Original Sindhi poetic verse
- Roman Script: Sindhi verse in Roman script
- Devanagri Script: Sindhi verse in Devanagri script
- Explanation: Sindhi interpretation of the verse
- English Translation: Translated by Amar Fayaz Buriro
- Urdu Translation: Translated by Agha Saleem
- Punjabi Translation: Translated by Kartar Singh Arsh
- Keywords: Search-optimized terms for easier data retrieval
Applications
This dataset is a valuable resource for a variety of applications, including but not limited to:
- Natural Language Processing (NLP) research in Sindhi language
- Development of AI-powered Sindhi chatbots and conversational agents
- Creation of educational tools for literature learning
- Text-to-Speech (TTS) system training
- Verse classification and sentiment analysis projects
- Digital preservation and promotion of Sindhi literary heritage
Data Source
The dataset is sourced from the AMBILE Bhittaipedia project, which aims to digitize and preserve the cultural heritage of Sindhi literature.
How to Use
- Clone the repository or download the CSV file.
- Open the CSV file using Python or Excel: python import pandas as pd df = pd.read_csv("Bhittaipedia Risalo -(25-08-25).csv") print(df.head())
Data Source
The dataset is sourced from the AMBILE Bhittaipedia project.
License:
This dataset is released under the Creative Commons Attribution-NonCommercial 4.0 License. It is intended for educational and research purposes only.
Acknowledgments:
Special thanks to the AMBILE team for their involvement in data compilation and cleaning.
Contact:
For any queries, collaboration opportunities, or contributions, please contact:
- Email: [email protected]
- Downloads last month
- 105